پاڪستانسنڌ

نوابشاهه ۾ آبادگارن جو واهن ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف مظاهرو

نوابشاهھ :چن بابو شاخ ۽ گاجرا واهھ جي آبادگارن نصرت ڊويزن جي انجينئر جي آفيس ٻاهران زرعي پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف امام بخش رند، غلام نبي رند، علي حسن سولنگي، خالد حسين پڃارو، ذوالفقار علي رند ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي هنن چيو ته شاخ تي پنج واٽر ڪورس آھن، جنھن تي چار ھزار ايڪڙ زمين آباد ٿيندي ھئي پر گذريل ڇھن مھينن کان پاڻي بند ھئڻ ڪري ڪڻڪ، بصر، سرنھن ۽ ٻيو فصل متاثر ٿيو آھي، جنھن ڪري آبادگارن کي اربين روپين جو نقصان ٿيو آھي. ھنن چيو ته اسان جڏھن به آفيس وڃون ٿا ته عملدارن جي آفيسن کي تالا لڳل آھن. ھنن مطالبو ڪيو ته آبپاشي عملدارن خلاف ڪارروائي ڪري حصي جو پاڻي ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button