سنڌ

وفاق سنڌ کي فتح ڪيل ڪالوني وانگر هلائي رهيو آهي:عوامي تحريڪ

عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، مرڪزي سينيئر نائب صدر عبدالقادر رانٽو، ايڊووڪيٽ وسند ٿري ۽ ايڊووڪيٽ عبدالله ٻپڙ پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ڏيڍ صديءَ کان وٺي پنجاب جي حڪمرانن سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙن جو سلسلو جاري رکيو آهي. پنجاب ۾ جلالپور ڪئنال ۽ گريٽر ٿل ڪئنال ٽو جي تعمير سنڌ جي عوام جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ برابر آهي. وفاق 75 سالن کان سنڌ کي پنهنجي فتح ڪيل ڪالوني وانگر هلائي رهيو آهي. سنڌ جي پاڻي، ناڻي، تيل، ڪوئلي، گئس ۽ حق حڪمراني تي قبضو آهي. سنڌ ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري لکين ايڪڙ زمينن کي بنجر بڻايو ويو آهي، ڊيلٽا ۾ پاڻي نه ڇڏڻ سبب لکين ايڪڙ زمين سمنڊ پائي ويو آهي، جيڪو سلسلو تيزي سان هلندڙ آهي. اڳواڻن چيو ته بندوق جي زور تي جلالپور ڪئنال ۽ گريٽر ٿل ڪئنال ٽو ٺاهڻ انتهائي ڀيانڪ ٿيندو. حڪمران طبقو سنڌ جي عوام کي ديوار سان لڳائي ملڪ ۾ ٻيهر 71ع جهڙي صورتحال پيدا ڪرڻ چاهي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button