ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سنڌ جي قومي جدوجهد ۾ فن جو ڪارج

سنڌ وطن جا پهاڙ هجن يا پوٺا، سمنڊ هجي يا درياھه اڄ جڏھن هر پاسي کان نيلامي جي گهيري ۾ آهن تڏھن پنهنجي سرزمين جي وسيلن کي بچائڻ لاءِ سياسي ميدان ۾ پاڻ ملهائڻ واري گهرج ته اڻٽر آهي ئي آهي پر طاقتور طبقن خلاف مزاحمت جا تاريخ ۾ جيڪي به مورچا رهيا آهن تن ۾ فن جي به هڪ بنيادي اهميت رهي آهي. واضح رهي ته پنهنجو اڄوڪو مضمون به انهي تناظر ۾ آهي. تنهن ڪري اچو ته اول سنڌ جي فني جهان ۾ فن جي ٻن انتهائي بنيادي شعبن رقص ۽ موسيقي جي تاريخ جو جائزو وٺون ۽ ڏسون ته ان ڏِس ۾ اسان جو ماضي ڪيئن رهيو آهي.
دراصل رقص ۽ موسيقيءَ جي سفر بابت موهن جي دڙي مان نڪتل ناچڻي ۽ بانسري ان ڳالهھ جي وڏي ۾ وڏي ثابتي آهي ته هزارين ورهيه اڳ به ساز ۽ رقص جو سنڌ ۾ وجود هو.
ان تناظر ۾ جيڪو تحقيقي مواد ملي ٿو تنهن موجب عالمي ماهرن سنڌي موسيقيءَ کي دنيا جي قديم ترين موسيقيءَ وارن چئن طبقن ۾ رکيو آهي، جن مان پهريون طبقو چين ۽ جپان جو آهي، جنهن کي آڳاٽي تاريخ ۾ ڳڻيو ويو آهي. ٻيو طبقو برما، ڀارت، سنڌ، ٿائلينڊ ۽ ملائيشيا تي ٻڌل آهي، جنهن جي سُرن ۽ سازن ۾ ڪافي ويجھڙائپ آهي. ٽيون طبقو ايران، ترڪي، وچ ايشيا ۽ عرب ملڪن وارو چيو وڃي ٿو جيڪي پنهنجي الڳ مزاج وارا آهن.
چوٿون طبقو ڀونچ سمنڊ ۽ آفريقي ملڪن وارو آهي.
بھرحال تاريخي لحاظ کان ننڍي کنڊ ۾ قديم هندي موسيقيءَ کان اڳ جيڪي به راڳ جا سلسلا رائج هئا، تن ۾ سنڌي موسيقيءَ کي اوليت حاصل رهي آهي. ان وقت جي باشندن کي موسيقيءَ جي فن جو ايترو ته ذوق هو، جو راڳ ۽ ناچ ڪندڙن جا مجسما ٿي ٺاهيائون. ٻيو ته سنڌو تهذيب واري دور ۾ موسيقي ۽ ناچ مذهبي رسمن جو حصو به ته رهيا آهن. سو موهن جي دڙي مان ناچڻيءَ جي مورتي به اهو ٻُڌائي ٿي ته هتان جا ماڻهو ناچ کي ڪيترو نه پسند ڪندا هئا.
ان کان سواءِ ڪن مُهرن تي سازن جون تصويرون پڻ اڪريل مليون آهن جن ۾ بوڙينڊو، بانسري، دهل ۽ چنگ خاص طور سان سڃاتا ويا آهن.
اصل ۾ قديم دور کان وٺي سنڌو تهذيب جيڪا پنهنجي شاھه درياهھ جي ڪري سدائين سُکي سَتابي رهي آهي، تنهن ۾ هتي جي رهواسين جي سوچڻ ۽ سمجهڻ جو دائرو به عالمگير رهيو آهي ۽ هنن هر قسم جي هُنر ۽ فن ۾ ترقي ڪئي، جنهن ۾ راڳ ۽ رقص جون محفلون به سندن زندگيءَ جون حصو رهيون.
ويجهي ماضيءَ ۾ ڀنڀور جي کوٽائيءَ مان ٺڪر جي ٿانون جا جيڪي ٽڪرا مليا آهن، تن تي مختلف قسمن جي چٽساليءَ سان گڏ رقص ڪندڙ جوڙن جون شبيهون پڻ چٽيل آهن.
سو ائين قديم تاريخي دور کان وٺي سنڌ کي پنهنجي مقامي موسيقي هئي، جيڪا عوامي موسيقي هئي. ان حوالي سان خاص طور تي سنڌ جي سمن راڳ ۽ راڳيندڙن جي ته تمام وڏي قدرداني ڪئي.
تنهن ڪري ان سموري اتهاس جي آئيني ۾ جيڪڏهن پاڻ ڏسون ته اڄ هن ملڪ ۾ مظلوم ۽ محڪوم طبقن جي حقن لاءِ جيڪا به جدوجهد هلي رهي آهي، تنهن ۾ سنڌ پنهنجي فني سگھه سان مهنداري ڪري سگهي ٿي. پر سوال اهو آهي ته سنڌ جون سياسي ڌريون پنهنجي پنهنجي فني شعبن ۾ ڪيتريون اڳڀريون آهن؟ ان سوال جي ورندي اها آهي ته اسان جي سياسي ڌرين کي پنهنجي فن جي شعبي مان جيڪا مزاحمتي سگھه حاصل ڪرڻ گهرجي، تنهن تي ايترو ڌيان ڪونه پيو ڏنو وڃي بلڪ گهڻن وٽ ته فن ايجنڊا تي ئي ناهي.
هڪ دور ۾ پليجي صاحب سياست ۾ فن جي اهميت کي ضرور اڳتي آندو پر اها روايت به آهستي آهستي وقت جي ويسر جو شڪار ٿيڻ لڳي آهي.
سنڌ هونئن به پنهنجي اتهاس ۾ اهنسا جي امين سرزمين رهي آهي ۽ اهنسا جي راھه تي هلي، هڪ متوازن ۽ سڀني لاءِ هڪجهڙي انصاف واري معاشري جي اڏاوت ۾ فن تمام گهڻي هٿ همراهي ڪرائي سگهي ٿو ۽ فن کان اها همراهي وٺڻ گهرجي.
سو اچو ته پنهنجي جدوجهد جي راھه ۾ ساز کڻون، رقص ڪريون ۽ پنهنجي فن جي ورثي کي نئين سر ڳولي لهون. ان سان سموري ملڪ توڙي خطي ۾ فن جي دنيا مان اتحادي ڳولي، کين سُرت جي سفر جو ساٿي بڻائي اڳتي وڌون اوستائين جيستائين ڦورو ۽ جابر قوتن/طبقن جا ڀاري بُرج ڊهي پٽ نٿا پون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button