ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

بلاول جون سياسي پارٽين کان شڪايتون

پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ جمهوريت تي جيڪو راتاهو لڳو، اهو اڃا تائين برقرار آهي. ڇاڪاڻ ته ملڪ ۾ جمهوريت سدائين ڪمزور شڪل ۾ رهي آهي. اها ايتري ڪمزور آهي جو پنهنجو دفاع نٿي ڪري سگهي. سياسي پارٽيون سدائين پنهنجن مفادن خاطر آمريتي راڄ کي منهن ڏينديون رهيون آهن. اسٽيبلشمينٽ اڄ به ايتري ئي مضبوط آهي، جيتري اها ايوب خان، آمر ضياءَ ۽ پرويز مشرف جي دور ۾ هئي. سويلين وزير اعظم ڪو اهڙو فيصلو ڏئي جنهن مان اهو تاثر ملي ته ان سان سويلين ادارا وڌيڪ مضبوط ٿيندا يا ملڪ جي پارليامينٽ کي وڌيڪ اختيار ملندو، اهو ڪنهن به ريت اسٽيبلشمينٽ کي قبول ڪونهي.
اڄ جڏهن عمران خان نيازي جيل ۾ واڙيل آهي ته ان جو ڏوهه به ان اسٽيبلشمينٽ سان ٽڪراءُ ئي آهي، جيڪا پنهنجي اختيار مان هٿ ڪڍڻ لاءِ تيار ڪونهي. جڏهن ته اهو اختيار جو اورانگهڻ آهي. اسيمبلي ۽ پارليامينٽ مان ويجهڙ ۾ ڪي ته اهڙا بل پاس ڪيا ويا آهن، جن جو شڪار سڀاڻي سياسي پارٽيون ٿيڻيون آهن. اهي جڏهن حڪومت ۾ هونديون آهن ته انهن وٽ بنهه محدود اختيار هوندا آهن پر اهي اختيار به اسٽيبلشمينٽ کي واري ۾ نٿا اچن. ان صورتحال ۾ ٻه ڏينهن اڳ جيڪا تقرير بلاول ڀٽي زرداري قومي اسيمبليءَ ۾ ڪئي آهي، ان ۾ هن پنهنجي پارٽيءَ کي ڏوراپا ڏنا آهن. ٻين سياسي پارٽين سان شڪايتون ڪيون ۽ اسٽيبلشمينٽ جي ڪردار کي به ننديو آهي.
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته نواز شريف ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداريءَ کي اهڙا فيصلا ڪرڻ گهرجن، جنهن سان منهنجي ۽ مريم نواز جي سياست کي اڳتي وڌڻ ۾ آساني ٿئي. لڳي ٿو ته بزرگ اسان کا به اها ئي سياست ڪرائڻ چاهين ٿا، جيڪا هنن 30 سالن کان برداشت ڪئي آهي. لڳي ٿو ته ايندڙ 30 سال سياست ساڳي رهندي، ملڪ جو نوجوان ان روايتي سياست مان تنگ اچي چڪو آهي، نئين ميثاق جمهوريت کي نه سهي پراڻي ميثاق جمهوريت کي سڀني پارٽين ۽ ادارن کي قبول ڪرڻو پوندو. ادارن کي پنهنجي حدن ۾ رهي ڪم ڪرڻ گهرجي پر اسان ادارن کي پنهنجي حدن ۾ رهي ڪم ڪرائڻ جي ڪوشش ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيا آهيون.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته اسان ايوان ۾ بدتميزيءَ جي سياست نه ڪئي. اسان جڏهن مخالف ڌر ۾ هئاسين، تڏهن به جمهوريت جي دائري ۾ رهي سياست ڪئي. اسان اهڙو ڪم نه ڪيو جنهن سان نظام کي نقصان ٿئي. هن چيو ته اسان بي اعتمادي ذريعي مڙهيل حڪومت کي گهر موڪليو ۽ اسان سمورن پارٽين اتحادي وزيراعظم جي چونڊ ڪئي. بلاول ڀٽي زرداري چيو ته جڏهن اسان حڪومت سنڀالي ته اسان سڀني جو ارادو هو ته اڳ ۾ جيڪي غلطيون ٿيون، انهن کي درست ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين. اسان سول ادارن، پارليامينٽ جو وقار بحال ڪرڻ، جمهوريت کي مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ هاڻي تاريخ فيصلو ڪندي ته اسان ان ۾ ڪامياب ٿياسين يا نه؟
بلاول ته هاڻ اها شڪايت ڪئي آهي پر اها شڪايت عوام جي ڏهاڪن کان آهي ته ملڪ جون سياسي پارٽيون جڏهن به ٿورو مزاحمتي ڪردار ادا ڪرڻ واريون هونديون آهن ته انهن خلاف وٺ وٺان شروع ٿي ويندي آهي ۽ ڪا ٻي سياسي پارٽي اسٽيبلشمينٽ جو سهارو بڻجي ميدان ۾ لهندي آهي. تنهنڪري هاڻوڪي صورتحال به ڪا گهڻي مختلف ڪونهي. پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ عمران خان نيازيءَ جي حڪومت مان جان ته ڇڏائي ورتي پر اهي اسٽيبلشمينٽ جي فرمائشي پروگرام مان پاڻ کي آجو ڪونه ڪرائي سگهيون آهن. جيڪڏهن بلاول کي ايندڙ ٽيهن سالن جي سياست ساڳي نظر اچي رهي آهي ته ان جو مطلب آهي ته سياست ۾ ڪابه تبديلي ڪونهي ۽ ملڪي سياست ڪنهن به سياسي تبديليءَ جو محرڪ ڪونه ٿي سگهي آهي. جيڪڏهن سڀئي معاملا سياسي پارٽيون رڳو اسٽيبلشمينٽ جي مرضيءَ سان حل ڪنديون رهنديون ته پوءِ اقتدار ۾ ڪير به ويٺو هجي، ان سان ڪو فرق نٿو پوي.
ڇا اها سياسي پارٽين جي شڪست ناهي ته ملڪ جو ڪوبه وزير اعظم عوامي ووٽن سان چونڊڻ کانپوءِ به اسٽيبلشمينٽ جي اين او سي کانسواءِ اقتدار نٿو سنڀالي سگهي. ملڪي سياست کي تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي پر اها تبديلي اهڙي نه هجي جهڙي عمران خان نيازي آڻڻ پئي چاهي پر اها تبديلي عوامي هجي. جنهن ۾ پارليامينٽ سپريم هجي. جنهن ۾ هڪ سويلين وزير اعظم اهي سڀ اختيار استعمال ڪري سگهي، جيڪي کيس آئين ۾ مليل آهن. نه ته سياست ساڳي رهندي ۽ اسٽيبلشمينٽ وڌيڪ سگهاري ٿيندي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button