ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پنجن سالن جي مايوس ڪندڙ ڪارڪردگي

2018ع وارين چونڊن کان پوءِ نيٺ اڄ چونڊيل حڪومت جو مدو پورو ٿي رهيو آهي. پر اهي پنج سال ملڪ لاءِ لاڳيتي بحران وارا رهيا، انهن پنجن سالن دوران ملڪ ڪورونا جهڙي وبا آئي، گذريل سال مها ٻوڏ عوام کي تباهه ڪيو ۽ ان کان سواءِ ملڪ دهشتگردي، بيروزگاري ۽ مهانگائيءَ ۾ واڌ ايندي رهي آهي. جيتوڻيڪ 2022ع ۾ عمران خان کي بداعتماديءَ جي رٿ وسيلي گهر ڀيڙو ڪيو ويو هو پر تنهن هوندي به پي ڊي ايم جي حڪومت عوام لاءِ ڪجهه نه ڪري سگهي. ان نه رڳو عمران خان جي پاليسين کي جاري رکيو پر ان جي حڪومتي دور ۾ عوام لاءِ پريشانيون وڌي ويون. پي ڊي ايم جي حڪومت نه مهانگائيءَ تي ڪنٽرول ڪري سگهي نه ان دهشتگرديءَ جي واقعن کي گهٽائڻ ۾ ڪو ڪردار ادا ڪيو ۽ نه ئي ملڪي معيشت کي ڪنهن دڳ تي لڳائي سگهي. جيڪڏهن پي ڊي ايم جي حڪومت کي اهو ئي ڪرڻو هو، جيڪو پي ٽي آءِ ڪري رهي هئي ته پوءِ ملڪ ۾ نه سياسي تبديلي اچي ٿي سگهي ۽ نه ئي ڪو سماجي ڇال ممڪن آهي. ان ڪري هي سلسلو جيڪو شروع ٿيو آهي، ان ۾ عوام لاءِ ڪو رليف ڪونهي.
ان کان سواءِ سياست ۾ جيڪو عمران خان کي اقتدار ۾ آڻڻ جو تجربو ڪيو ويو، ان هڻي ملڪ جا لاهه ڪڍي ڇڏيا. ملڪ سياسي اڪيلائيءَ جو شڪار ٿيو، عوام جي معاشي حالت بد کان بدتر ٿي وئي. مهانگائي ان سطح تي وڃي پهتي آهي جو عوام اٽو وٺڻ کان لاچار لڳو پيو آهي. تنهنڪري ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته گذريل حڪومت عوام لاءِ ڪوبه ڀلائي وارو ڪم نه ڪري سگهي. جڏهن ته حڪومت لاءِ پنج سال وڏو عرصو هوندو آهي پر سياسي پارٽيون جنهن هڻ وٺ ۾ رهيون، ان موجب اهي پنهنجي لاءِ رليف چاهينديون رهيون. اهڙي ريت عوام جي حالت ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي رهي ۽ چونڊيل نمائندن جو عياشيون وڌيون رهيون، نتيجي ۾ نه رڳو عوام جي اميدن تي پاڻي ڦري ويو پر ان پي ڊي آءِ ۽ پي ٽي آءِ حڪومتن کان توبهه ڪئي. ڇا عوام پنهنجو ووٽ ڏئي سياستدانن کي ايوانن ۾ ان ڪري موڪليندو آهي ته جيئن چونڊيل نمائندا عوام جو استحصال ڪري سگهن ۽ اهي جيئن چاهين عوام خلاف فيصلي سازي ڪندا رهن. هي حڪومت دور اظهار جي آزاديءَ جي حوالي سان به بدترين دور ليکيو ويندو، جنهن جي شروعات عمران خان جي دور ۾ ٿي، جڏهن هن ميڊيا ۽ ميڊيا پرسن تي پابندين جو سلسلو شروع ڪيو. هن نه رڳو ميڊيا جي نڙيءَ تي ننهن ڏنو پر ان جو دفاع به ڪندو رهيو. تنهنڪري ميڊيا جي شعبي مان هزارين ماڻهو بيروزگار ٿيا.
اڄ جڏهن اسيمبلين جو مدو پورو ٿي رهيو آهي ته انهن پنجن سالن جي حڪومتي ڪارڪردگيءَ کي ياد ڪجي ٿو ته ان تي رڳو افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو. ڇاڪاڻ ته هنن پنجن سالن دوران عوام گهڻو ڀوڳيو آهي. هاڻ جڏهن ايندڙ وقت ۾ ڪا نئين حڪومت ايندي ته ان مان اميد ڪري سگهجي ٿي ته اها اهي غلطيون ڪونه ورجائيندي، جيڪي هاڻوڪي حڪومت ورجايون آهن ۽ ان جا فيصلا عوام دشمن هجڻ بدران عوام دوست هوندا. پر اهو تڏهن ممڪن آهي جڏهن سياسي پارٽيون سياسي ساڃاهه کان ڪم وٺن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button