پاڪستانسنڌ

اوٻاوڙو ويجهو پي ڪارنهن الزام هيٺ ڌي کي ماري ڇڏيو

اوٻاوڙو: اوٻاوڙو لڳ رانوتي ٿاڻي جي حد ڪچي واري علائقي ڳوٺ گڏو شر ۾ جوابدار مولوي عيسو شر پنهنجي نوجوان ڌيءَ مائي زينت کي ڪارنهن الزام ھيٺ گوليون ھڻي بيدردي سان قتل ڪري واقعي واري ھنڌ تان فرار ٿي ويو، ڪيتري ئي دير تائين لاش واقعي واري ھنڌ پيل رهيو،. رانوتي پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جو اطلاع ملڻ بعد پوليس قاتل جي گهر تي موجود آهي، ناري جو لاش وٺڻ ۽ جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھيون، لاش ھٿ اچڻ کانپو پوسٽ مارٽم بعد وارثن جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويندو ۽ جوابدار کي جلد گرفتار ڪيو ويندو. اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو ۽ پوليس ناري جو لاش به ھٿ نه ڪري سگھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button