پاڪستانسنڌ

سامارو ويجهو جوابدارن پورهيت کي ڳلو ڪپي قتل ڪري ڇڏيو

سامارو: سامارو ڀرسان نامعلوم جوابدار گھر ۾ گھڙي ننڊ سُتل پورھيت کي ڪنڌ ۾ سڌيون ڪھاڙيون ھڻي موقعي تي ئي قتل ڪري فرار ٿي ويا. سامارو شھر لڳ منظور ٽائون ڀرسان ڳوٺ گل محمد بروھي ۾ گذريل رات دير سان نامعلوم جوابدار گھر ۾ گھڙي گھر جي اڱڻ تي ننڊ سُتل پورھيت نوجوان ٻن پٽن جي پي 33 سالن جي بشير احمد عرف بابو پٽ شبير احمد بروھي کي ڪنڌ ۾ سڌيون ڪھاڙيو ھڻي ڳلو ڪپي موقعي تي ئي قتل ڪري فرار ٿي ويا. پورھيت جي وارثن صبح ٿيڻ تي ساريو ۽ اھڙو اطلاع پوليس کي ڏنو. جنھن بعد پوليس قتل واقعي واري ھنڌ پھچي مقتول نوجوان جو لاش کڻائي تعلقي اسپتال آندو، جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽرن جي شروعاتي رپورٽ موجب نوجوان جو موت ڪنڌ ۾ ڪھاڙي جو سڌو وڏو ڌڪ لڳڻ ۽ گھڻو رت وھڻ سان ٿيو آھي. مقتول جي ڀا نوجوان عمران ميڊيا ۽ پوليس کي ٻڌايو ته اسان جي ڪنھن سان دشمني ناھي، ڀا شھر ۾ پورھيو ڪري ٻچن جو پاليندو ھو، ڀا ننڊ ستل ھو ته کيس نامعلوم جوابدار گھر ۾ گھڙي بيگناهه قتل ڪري ويا. ٻئي طرف جنازي نماز بعد پورهيت کي مراد شاهه قبرستان ۾ مٽي ما حوالي ڪيو ويو. ايس ايڇ او خليل ڪنڀر “سنڌ ايڪسپريس” رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته قتل واقعي جي گھڻ رُخي جاچ ڪئي پئي وڃي، وارث ڪيس داخل ڪرائڻ آيا ته ڪيس داخل ڪنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button