پاڪستانسنڌ

سانگهڙ ۾ پلاٽ تان ڀائٽي خنجر هڻي چاچي کي قتل ڪري ڇڏيو

سانگھڙ: سانگهڙ ۾ گهر اندر پلاٽ جي پراڻي هلندڙ معمولي تڪرار تان چاچي ۽ ڀائٽي ۾ جهيڙو ٿي پيو، ڀائٽي خنجر هڻي چاچي کي قتل ڪري ڇڏيو، 2 ماڻهو زخمي ٿي پيا. خبر موجب سانگهڙ شهر جي مندر واري گهٽي ۾ گهر اندر پلاٽ جي هلندڙ پراڻي تڪرار تان مرين جي ٻن ڌرين چاچي ۽ ڀائٽي ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن تان لٺين ۽ خنجرن جو آزادانا استعمال ڪيو ويو، ان دوران احمد حسين عرف رستم مري ۽ ذڪريا مٿي ۽ ٻانهن ڌڪ لڳڻ سبب زخمي ٿي پيا، جڏهن ته جاويد مري ڳلي وٽان خنجر لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو، زخمين کي سول اسپتال سانگهڙ آندو ويو، جتان جاويد مري کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نوابشاهگ نيو ويو، جيڪو پي ايم سي اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، مقتول مير محمد مري جو پٽ ۽ عوامي ورڪرز پارٽي جي اڳواڻ مير حسن مري جو سئوٽ هو. سندس لاش سول اسپتال سانگهڙ آندو ويو، جتان ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. پوليس مقتول جي پٽ جي فرياد تي مقتول جي ڀا ارشد مري، سندس زال ۽ پٽ احمد حسين عرف رستم کي گرفتار ڪري ورتو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button