پاڪستانسنڌ

اسان ٻن ٽن ڏينهن ۾ چونڊ مهم شروع ڪنداسين:بلاول ڀٽو

سکر: پرڏيهي وزير ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان ٻه يا ٽن ڏينهن ۾ پنهنجي چونڊ مهم شروع ڪنداسين. پ پ اليڪشن کان ڪڏهن به خوفزده ناهي ٿي ۽ نه ئي پوئتي هٽي آهي، اسان جا ڪارڪن هر وقت چونڊن لا تيار آهن. سکر ۾ تقريب کي خطاب ڪندي هن وڌيڪ چيو ته ٻن ٽن ڏينهن بعد آئون اوهان وٽ واپس اچي ويندا ۽ پو اسان گڏجي پ پ جي چونڊ مهم شروع ڪنداسين، حڪومت ۽ مصروفيتن مان فارغ ٿي اوهان جي وچ ۾ هوندس. اسان گڏجي جدوجهد ڪنداسين ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي نامڪمل مشن کي گڏجي مڪمل ڪنداسين. ايندڙ حڪومت ملي ته ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ علاج جي مفت سهولت فراهم ڪنداسين. هن چيو ته ارڙهين ترميم تي ڌاڙو هنيو ويو ۽ اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار توڙي تحريڪ انصاف چيئرمين اسپتالن تي قبضا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. اڄ اسان کي اسان جي اسپتال واپس ملي وئي آهي، سکر جي چلڊرن اسپتال جو افتتاح ڪيو آهي. سنڌ انٽيٽيوٽ آف يورولاجي ۽ ٽرانسپلانٽيشن جو به افتتاح ڪيو آهي، جن سان عوام کي سهولتون ملنديون. سکر ۾ ايس آئي يو ٽي ميڊيڪل ڪامپليڪس ۽ ٻارن جي اسپتال جو افتتاح ڪرڻ بعد منعقد تقريب کي خطاب ڪندي هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي هر ضلعي ۾ صحت جي ادارن جي قيام جي ڪوشش ڪريون پيا، عوام کي عالمي معيار جي مفت صحت جي سهولتن جي فراهمي جي ڪوشش ڪريون پيا. ڊاڪٽر اديب رضوي جون صحت جي شعبي ۾ زبردست خدمتون آهن. اسان جو خواب آهي ته هر ضلعي ۾ ميڊيڪل ڪامپليڪس هجي. ڏکڻ ڪوريا جي مدد سان سکر ۾ ٻارن جي اسپتال قائم ڪئي آهي، اسان جو ويزن آهي ته سنڌ جي هر وڏي شهر ۾ ٻار جون وڏيون اسپتالون ٺاهيون. چائلڊ لائف فائونڊيشن سان گڏجي ٻارن جي علاج لا هر ضلعي ۾ قدم کنيا آهن، صوبي ۾ صحت جي شعبي ۾ انقلاب آڻي رهنداسين. هوڏانهن بلاول ڀتو زرداري اڱاري جي شام سکر ۾ 27 ايڪڙ تي قائم ايس آئي يو ٽي پاران 70 ڊائلاسز مشينن تي ٻڌل 170 بسترن تي ٻڌل ميڊيڪل ڪامپليڪس ۽ ڏکڻ ڪوريا جي سهڪار سان تعمير ٿيندڙ 200 بسترن تي ٻڌل چائلڊ هيلٿ انسٽيٽيوٽ جي افتتاح لاءِ سکر ايئرپورٽ پهتو، ان سان گڏ وڏو وزير مراد شاهه، وفاقي وزير خورشيد شاهه، ايم اين اي نعمان اسلام شيخ، صوبائي وزير ناصر حسين شاهه، سيد فرخ شاهه ۽ انور سيال سميت ٻيا وزير ۽ اڳواڻ گڏ هئا. ايئرپورٽ تان بلاول ڀٽو زرداري کي وڏي قافلي جي شڪل ۾ ٻٻرلوءِ آندو ويو، جنهن دوران سيڪيورٽي الرٽ ڪئي وئي ۽ ڀرپاسي جا دڪان بند ڪيا ويا. پبلڪ ٽرانسپورٽ کي به ڪلاڪن جا ڪلاڪ بند ڪرايو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button