پاڪستانسنڌ

نئون ڪوٽ ۾ عورت ويم بعد ٻار سميت فوت، لاش رکي احتجاج

نئون ڪوٽ: نئون ڪوٽ ۾ ٿر مان آيل ڳورهاري عورت ويم بعد ٻار سميت فوت ٿي وئي، وارثن اسپتال اڳيان لاش رکي احتجاج ڪيو. خبر موجب نئون ڪوٽ ۾ خانگي ڪلينڪ ۽ ميٽرنٽي ھوم ۾ ٿر جي ڳوٺ اٽاڊو سومرا مان ڊليوري لا آيل عورت ھوران زال نواز علي سومرو ويم بعد ٻار کي جنم ڏنو ۽ ٻار سميت فوت ٿي وئي، جنهن بعد وارثن عورت جو لاش اسپتال اڳيان رکي ڌرڻو هنيو ۽ نعريبازي ڪئي، احتجاج دوران ڊاڪٽرياڻي ۽ سندس مڙس فرار ٿي ويا، پوليس ڪاروائي ڪندي ڊاڪٽرياڻي جي ڏير کي گرفتار ڪري ورتو ۽ کيس لاڪپ ڪيو. معلوم ٿيو آهي تـ ڊليوري لا آيل عورت نارمل ڊليوري باوجود بلڊ ھلڻ سبب فوت ٿي وئي. ناري جي وارثن نواز علي سومرو ۽ ممتاز سومرو ميڊيا سان ڳالھائيدي چيو ته اسان جي عورت ڊاڪٽرياڻي جي غفلت ۽ لاپرواھي سبب فوت ٿي آهي، اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button