اسلام آبادپاڪستان

(اسيمبلي ٽوڙڻ لا صدر کي سمري اماڻيندس:وزيراعظم)قومي اسيمبلي اڄ ٽوڙي ويندي

اسلام آباد : 25 جولاءِ 2018 جي عام چونڊن جي نتيجي ۾ 13 آگسٽ 2018 تي شروع ٿيندڙ پاڪستان جي 15 هين قومي اسيمبلي اڄ اربع تي ٽوڙي ويندي. ان سلسلي ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اسان پنهنجو مدو پورو ڪري رهيا آهيون، اڄ صدر کي لکي موڪليندس ته اسيمبلي ٽوڙي وڃي ۽ ان کانپوءِ نگران حڪومت ايندي. تفصيل موجب 25 جولاءِ 2018 جي عام چونڊن جي نتيجي ۾ 13 آگسٽ 2018 تي شروع ٿيندڙ پاڪستان جي 15 هين قومي اسيمبلي اڄ ٽوڙي ويندي. 15 هين قومي اسيمبلي هڪ صدر، 2 وزيراعظم، ٻه اسپيڪر ۽ ٻه ڊپٽي اسپيڪر چونڊيا. هي قومي اسيمبلي جي سڀ کان خاص ڳالهه اها هئي جو هن اسيمبلي بي اعتمادي رٿ ذريعي وزيراعظم عمران خان کي عهدي تان هٽايو. 18 آگسٽ 2018 تي عمران خان وزيراعظم چونڊيو ته پهرين ڏينهن اپوزيشن عام چونڊن ۾مبينا ڌانڌلي خلاف سخت احتجاج ڪيو. قومي اسيمبلي ۾ قائد ايوان عمران خان ۽ مخالف ڌر اڳواڻ شهبازشريف وچ ۾ رابطن جو اهو عالم هو جو ٻنهي اڳواڻن اسيمبلي هال ۾ ڪڏهن به هڪ ٻئي سان هٿ نه ملايو. مارچ 2022 ۾ پي ٽي آئي جي قومي اسيمبلي ۾ 158 ميمبرن مان 20 ميمبر پارٽي کان باغي ٿيا ۽ ڌار فارورڊ بلاڪ قائم ڪيو. 9 اپريل 2022 تي وزيراعظم عمران خان خلاف بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿي ته قومي اسيمبلي 11 اپريل تي شهبازشريف کي نئون وزيراعظم چونڊي ورتو. 9 اپريل تي ئي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر عهدي تان استيعفا ڏني، جنهن کان پوءِ ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري به عهدي تان استيعفا ڏني. 15 اپريل 2022 تي قومي اسيمبلي راجا پرويز اشرف کي نئون اسپيڪر چونڊيو، 20 اپريل تي زاهد دراني ڊپٽي اسپيڪر چونڊيو ويو. 11 اپريل 2022 تي عمران خان سميت پي ٽي آئي جي 125 قومي اسيمبلي ميمبرن قومي اسيمبلي مان استيعفا ڏيڻ جو اعلان ڪيو. پي ٽي آئي جي اسيمبلين مان استعيفائن کان پوءِ پي ٽي آئي جي 20 رڪني فارورڊ بلاڪ اپوزيشن ۾ويهڻ جو فيصلو ڪيو ۽ راجا رياض کي اپوزيشن ليڊر چونڊيو، حڪومت ۽ اپوزيشن وچ ۾ سٺا لاڳاپا نه هجڻ ڪري موجوده قومي اسيمبلي جا پهريان پوڻا 4 سال وڌيڪ قانونسازي نه ٿي. جڏهن ته شهبازشريف حڪومت دوران قومي اسيمبلي قانونسازي جا رڪارڊ قائم ڪيا، 15 هين قومي اسيمبلي ۾ آرمي چيف جي نوڪري جي مدي بابت قانون ۾ ترميم واحد قانونسازي هئي. جڏهن اپوزيشن جون ٻه وڏيون پارٽيون پي پي ۽ (ن) ليگ عمران خان جي حڪومت پاران پيش ڪيل بل جي حمايت ڪئي. قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ۽ حڪومت وچ ۾ ورڪنگ رليشن شپ تڪرارن جي ور چڙهيل رهي. ٻئي طرف وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اسان پنهنجو مدو پورو ڪري رهيا آهيون، اڄ صدر کي سمري لکي موڪليندس ته اسيمبلي ٽوڙي وڃي ۽ ان کانپوءِ نگران حڪومت ايندي. ڪنوينشن سينٽر اسلام آباد ۾ سولر ٽيوب ويلز جي حوالي سان تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته زراعت معيشت لاءِ خوشحالي آڻيندي، هاري جيتري محنت ڪن ٿا، ان کان وڌيڪ ملڪ جي خدمت نٿي ٿي سگهي، ڪروڙين ماڻهن لاءِ خوراڪ پيدا ڪرڻ کان وڏي ڪا عبادت ناهي. هن چيو ته ملڪ کي سستي بجلي جي ضرورت آهي، سستي بجلي فراهم ڪرڻ هر حڪومت جو فرض آهي، شمسي توانائي لاءِ 16 مهينن ۾ گهڻي محنت ڪئي، نواز شريف جي دور ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ ختم ٿي وئي هئي، اڄ تيل سان مهانگي بجلي پيدا ٿيندي آهي، اسان اربين ڊالرن جو ڪائلو ٻاهران گهرايو، ٿرڪول تي ڌيان نه ڏنو. سندس چوڻ هو ته آءِ ايم ايف جا شرط انتهائي سخت آهن پر جيڪڏهن آءِ ايم ايف پروگرام نه هجي ها ته ملڪ انتهائي ڏکيائين مان گذري ها، خواهش آهي ته قبر ۾ وڃڻ کان اڳ ملڪ ان رستي تي هلي، جنهن جو قائد اعظم خواب ڏٺو هو. وزيراعظم چيو ته ايندڙ چونڊن ۾ نواز شريف کي موقعو مليو ته زرعي انقلاب آڻيندو، قرض مان جان ڇڏائي غربت جو خاتمو آڻينداسين ۽ پاڪستان کي عظيم بڻائينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button