اها نهايت افسوس جي ڳالهه آهي ته جڏهن به “ڪراچي” لفظ هڪ مسئلن سان ڀريل شهر جي حوالي سان منظر عام تي آيو آهي ته اسان جي ڪيترن ئي قومپرست حلقن کي هڪ قسم جو ڪروڌ وڪوڙي ويندو آهي. جڏهن ته ان ۾ ڪو خاص مسئلو نه هجڻ گهرجي. ڇو ته هر انسان کي پنهنجي شهر لاءِ هڪ طرح جي پريشاني هوندي آهي. هو چاهيندو آهي ته ڪنهن طرح سان هن جو شهر مسئلن مان ٻاهر نڪري سگهي. ان سلسلي ۾ پوري دنيا جا مثال پيش ڪري سگهجن ٿا. جڏهن ته ڀارت ۽ پاڪستان ۾ ته شهرن سان محبت هجڻ جي هڪ مضبوط روايت آهي. ان ڪري اسان کي ان طرح سان ڏسڻ نه گهرجي. جيڪڏهن ڪوئي ڪراچيءَ واسي ڪراچيءَ جي سلسلي ۾ ڪجهه لکي ٿو يا چوي ٿو ته ان جو مطلب اهو نه هجڻ گهرجي ته هو سنڌ جو مخالف آهي. اها الڳ ڳالهه آهي ۽ ان ۾ حقيقت به آهي ته ڪراچيءَ جي ڪيس کي جهڙي طرح ايم ڪيو ايم بگاڙيو ۽ جيئن ان نسلي سياست کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ ڪراچيءَ جي شهرين کي سنڌ ماڻهن سان ويڙهايو، اهو تاريخ جو هڪ اهڙو الميو آهي، جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ معاف ڪري نه ٿو سگهجي.
ڪراچيءَ جي رستن ۽ هيڊ اور هيڊ برجز تي هن مهل به هڪ مذهبي جماعت جا جيڪي بينر ڪراچيءَ جي حمايت ۾ آويزان آهن، انهن ۾ ڪراچيءَ سان محبت گهٽ ۽ سنڌي ماڻهن سان تعصب وڌيڪ آهي. ان جو سبب اهو به آهي ته اها جماعت سڳوري سمجهي ٿي ته ان کي به ايم ڪيو ايم جو خال ڀرڻ گهرجي. ڇو ته هاڻي ايم ڪيو ايم به ان حال ۾ نه رهي آهي، جنهن حال ۾ هوندي هن جي هن هيڏي وڏي شهر ۾ هيبتناڪ حڪومت هوندي هئي. ڪراچيءَ سان محبت هڪ الڳ ڳالهه آهي. اها محبت ڪنهن لاءِ به اعتراض جوڳي نه هجڻ گهرجي. ڇو ته ان محبت جو هر شخص کي حق آهي ته هو پنهنجي شهر سان محبت ڪري. جڏهن ته ڪنهن به محبت کي اهو حق نه ٿو پهچي ته هو پنهنجي محبت جو بنياد ڪنهن ٻي سان نفرت تي رکي. هونءَ به ان کي محبت چئي نه ٿو سگهجي، جنهن جي بنياد ۾ نفرت هجي. ان حوالي سان اها حقيقت رهي آهي ته ڪراچيءَ سان سياسي محبت ڪرڻ وارن سدائين هن شهر جي نالي کي سنڌ سان نفرت ڪرڻ جي سلسلي ۾ استعمال ڪيو. ان ڪري هن شهر ۾ اها جمهوري فضا پروان چڙهي نه سگهي، جنهن جو هن شهر کي حق حاصل به هو ۽ جنهن جي هن شهر کي ضرورت به هئي.
ڪراچيءَ جي لوڪل حڪومت هڪ اهم شيءَ رهي آهي. ان معاملي تي تمام گهڻا دنگا فساد به ٿيا آهن. ان تي تمام گهڻي رتوڇاڻ به ٿي آهي ۽ تمام گهڻا لاش به ڪريا آهن. پر ڪڏهن ايم ڪيو ايم ته ڪڏهن جماعت اسلاميءَ جي هٿن ۾ رهندڙ ڪراچيءَ جي شهري حڪومت اڄ اتفاق يا نفاق سان ئي سهي پر پيپلز پارٽيءَ جي هٿن ۾ آهي. ان شهري حڪومت جو سربراهه ڪراچيءَ ڄائو اهو شخص آهي، جنهن کي سنڌي هجڻ تي به فخر آهي. جڏهن ته هن جي مادري ٻولي اردو آهي پر پوءِ به هن کي سنڌ جو اولاد هجڻ تي هڪ طرح جو فخر آهي.
مرتضيٰ وهاب ڪيترو ايماندار ۽ ڪيترو بااختيار آهي؟ انهن سوالن جا جواب مان ڏئي نه ٿو سگهان. ڇو ته انهن سوالن جا جواب هن جو ڪم ۽ هن جو ڪردار ڏيندو. پيپلز پارٽي جا وزير ڪجهه به چون پر اسان جو تعلق ان پارٽيءَ سان ان طرح سان ناهي، جنهن طرح سان تاريخ ان پارٽيءَ جو حشر ڪيو آهي. ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو کان پوءِ پيپلز پارٽيءَ جي سياست ۽ هن جي سڃاڻ مٿان تمام گهڻا سواليا نشان اچي چڪا آهن. اسان هونءَ به انهن روايتي سنڌي ماڻهن مان آهيون، جيڪي ڀٽو خاندان کي اڄ به عزت ۽ محبت جي نظر سان ڏسن ٿا. اسان ڪنهن کي به پنهنجي نالي سان ڀٽو لفظ لکڻ سبب ڀٽو سمجهي نه ٿا سگهون. پر هن وقت ڳالهه نه ته پيپلز پارٽيءَ جي آهي ۽ نه وري ڀٽي خاندان آهي. هن وقت صرف ۽ صرف ان شهر جي ڳالهه آهي، جنهن شهر کي پنهنجي نئين ميئر جي صورت ۾ هڪ اميد ملي آهي ته هو ڪجهه بهتر وقت به ڏسي سگهي ٿو.
مرتضيٰ وهاب ڪراچيءَ جي لاءِ ڇا ڪندو؟ ان سوال جو جواب به مرتضيٰ وهاب کي ئي ڏيڻو آهي. باقي هڪ ڳالهه هن کي به تسليم ڪرڻي پوندي ته هن ڀيري هو جنهن پارٽيءَ سان تعلق رکي ٿو ۽ جنهن پارٽيءَ جي سپورٽ سبب هو پاڪستان جي سڀ کان وڏي شهر جو ميئر منتخب ٿيو آهي، ان پارٽيءَ وٽ صوبائي حڪومت به رهي آهي ۽ هاڻي به ان پارٽيءَ جي حڪومت اچڻ جا امڪان آهن. ان صورت ۾ اهو به هڪ بهتر موقعو آهي ته ڪراچيءَ جو ميئر سنڌ سرڪار سان اجايو مهاڏو اٽڪائي پنهنجي سياست چمڪائڻ بدران اهو ڌيان به هن شهر جي مٿان ڌري، جنهن شهر کي هن مهل تائين ڪا به ڍنگ جي حڪومت نه ملي آهي، جيڪا ايمانداريءَ ۽ هوشياريءَ سان هن شهر جي خدمت ڪري ۽ هن شهر کي اهو شهر بڻائي جنهن جو هي شهر حقدار آهي. هن وقت تائين ڪراچيءَ جي نالي ۾ صرف ڪوڙ ڳالهايو ويو آهي ۽ ڪراچيءَ جي نالي ۾ اهو ڪجهه ڪيو ويو آهي، جيڪو ڪنهن به شهر کي اصولي طور تي قبول نه هجڻ گهرجي پر هن شهر جو ڪهڙو قصور آهي؟ ان باري ۾ ڪو به جواب منظرعام تي اچي نه ٿو سگهي. ڇو ته اهو هڪ لاجواب سوال آهي. پر انهن سمورن سوالن جوابن کان هٽي ڪري به اسان جيڪڏهن ڪراچيءَ جي حالتن ۽ هن ڀيري مشڪل سان ئي سهي پر مرتضيٰ وهاب جهڙي هڪ نئين ڪردار جي مالڪ ميئر کي مليل موقعي جو جائزو وٺون ته اسان کي ان سلسلي ۾ تمام گهڻيون اميدون به نظر اچن ٿيون پر انهن اميدن جي مٿان اسان کي انديشن جا پاڇا به لهرائيندا ڏسڻ ۾ اچن ٿا. ڇو ته هن شهر سان ڪڏهن به ڪنهن به انصاف نه ڪيو هو. اسان ان ماضيءَ ۾ جهاتي پائڻ لائق نه رهيا آهيون، جڏهن هن شهر جي واڳ انهن هٿن ۾ هئي، جيڪي مسلمان ته نه هئا پر ايماندار ۽ تمام گهڻا باڪردار ضرور هئا ۽ انهن هن شهر جي تمام گهڻي خدمت به ڪئي پر انهن کان پوءِ هن شهر جو جيڪو به حشر ٿيو آهي، اهو اسان جي آڏو آهي. هن وقت اسان کي اميدن سان تمام گهڻو پيار آهي ۽ اسان چاهيون ٿا ته انديشن جا پاڇا پري ٿين ۽ قانوني طور تي وڌيڪ اختيار حاصل ڪندڙ ڪراچيءَ جي شهري حڪومت کي اها سمجهه اچي ته هوءَ ڪراچيءَ جا زخم به ڀري ۽ هن بنيادي حق به فراهم ڪري.