سنڌ

ٺٽي ۾ پي ايس ٽي جا آفر آرڊر جاري، سيٽون گهٽ، ڪافي اميدوار رهجي ويا

ٺٽي تعلقي سميت ضلعي جي 400 کان وڌيڪ آ بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن کي آفر آرڊر جاري ٿي ويا. ٺٽي تعلقي ۾ 40 کان 43 مارڪن وارا 95 ميل ۽ ڪجهه فيميلز سميت 98 اميدوار آفر ليٽر کان رهجي ويا. جڏهن ته رهجي ويل اميدوارن تعليم کاتي ٺٽي طرفان ڏنل آرڊرز مان ڪجهه اميدوارن جي نالن تي اعتراض واريندي تعلقي ۾ سيٽون وڌائڻ لا ايس اين اي منظور ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. تفصيل مطابق ٺٽي شهر جي مقامي شادي هال ۾ ٿيل تقريب ۾ ضلعي جي 4 سئو کان وڌيڪ آ بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙ پي ايس ٽي اميدوارن کي آرڊر ڏنا ويا. ان موقعي تي وڏي وزير جي خاص مددگار رياض شاهه شيرازي، اڳوڻي ايم اين اي ڊاڪٽر عبدالواحد سومرو، عاشق زرداري ۽ ٻين تقريب ۾ شرڪت ڪري اميدوارن ۾ آرڊر ورهايا. تقريب ۾ ڊائريڪٽر پرائمري حيدرآباد احمد الدين ميراڻي، ڊي اي او پرائمري ٺٽو محمد رحيم سومرو ۽ تعلقا ايجوڪيشن آفيسر محمد بخش بهراڻي جي نگراني هيٺ پرائمري استادن جي اميدوارن کي آرڊر ڏنا ويا جن ۾ ٺٽي تعلقي جا 226 ميل، فيميل، معذور ۽ اقليتي ڪوٽا جا اميدوار شامل آهن. ٻئي طرف رهجي ويل 95 ميل اميدوارن مطالبو ڪيو آهي ته ڊي اي او تعليم طرفان اماڻيل ايس اين اي جلد منظور ڪري اسان کي به آفر آرڊر ڏئي روزگار سان لڳايو وڃي. اميدوارن ڪالهه ڏنل آفر آرڊرز مان ڪجهه اميدوارن جي نالن تي اعتراض واريندي مارڪن کانسوا جاري ڪيل ريڪمنڊيڊ لسٽ جي جاچ جو پڻ مطالبو ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button