اسلام آبادپاڪستان

پيمرا ترميمي آرڊيننس جي سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد :پيمرا ترميمي آرڊيننس 2023ع سينيٽ کانپوءِ قومي اسيمبلي به منظور ڪري ورتو، جنهن کانپوءِ اسپيڪر قومي اسيمبلي بل منظوري لاءِ صدر ڏانهن موڪلي ڇڏيو. سينيٽ جو اجلاس چيئرمين صادق سنجراڻي جي صدارت هيٺ ٿيو. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي (پيمرا) ترميمي آرڊيننس 2023ع پيش ڪيو. عرفان صديقي چيو ته اسان بل جي حمايت ڪريون ٿا، ان کي رد نه ڪيو وڃي. وزيراعظم نذير تارڙ چيو ته ڪالهه وزيراعظم سان صحافين جي 40 رڪني وفد ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ميڊيا مالڪ پڻ موجود هئا. وفد وزيراعظم کي چيو ته هي صحافين جي ڀلائي جو بل آهي، ان کي منظور ڪيو وڃي، ترميمن کانپوءِ بل قومي اسيمبلي ڏانهن واپس وڃڻو آهي، ان ڪري ان کي منظور ڪيو وڃي. رضا رباني چيو ته صحافين جي سمورن ادارن کي اعتماد ۾ ورتو وڃي، هاڻي ميمبر به ايوان کان ڳجهيون شيون رکي رهيا آهن ۽ دستاويز ايوان ۾ آڻي رهيا آهن. طاهر بزنجو چيو ته سياستدانن وانگر صحافتي ادارا به پاڻ ۾ ورهايل آهن. پاڪستان تحريڪ انصاف بل خلاف واڪ آئوٽ ڪري ڇڏيو. رضا رباني ۽ طاهر بزنجو به ايوان مان نڪري ويا. هوڏانهن سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پيمرا (ترميمي) بل صحافين ۽ ورڪنگ جرنلسٽس جو بل آهي، ان جي تياري ۾ پي ايف يو جي، سي پي اين اي، پي بي اي، ايمنڊ سميت سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان صلاح مشورا ٿيا، جنهن قانون ۾ ملازمن جي حقن جو تحفظ نه هجي اهو قانون اڻپورو هوندو آهي. بدقسمتي سان ڪجهه ماڻهن ان کي ڪارو قانون سڏيو. صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿي ته اهي پنهنجي حقن لاءِ اٿي بيٺا. اربع تي پارليامينٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته ترميمي بل ۾ پيمرا چيئرمين جا اختيار گهٽايا ويا، ورڪنگ جرنلسٽس ۽ ميڊيا ورڪرز ڏکين حالتن ۾ پنهنجن ادارن لاءِ ڪم ڪن ٿا. ميڊيا ورڪرز ۽ صحافين جي پگهارن ۾ هن بل ۾ تحفظ فراهم ڪيو ويو جيڪي ادارا صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جون رهتون ٻن مهينن ۾ ادا نه ڪندا ان کي پاڪستان حڪومت بزنس نه ڏيندي. جڏهن ته صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز لاءِ گهٽ کان گهٽ اجرت جي قانون کي عمل هن بل ۾ يقيني بڻايو ويوآهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button