اسلام آبادپاڪستان

“ايندڙ عام چونڊون مقرر وقت تي ڪرايو”:سينيٽ ۾ ٺهراءُ منظور

اسلام آباد :سينيٽ ايندڙ چونڊون وقت تي ڪرائڻ جو ٺهراءُ منظور ڪري ورتو آهي. اربع تي سينيٽ جو اجلاس چيئرمين سينيٽ صادق سنجراڻي جي صدارت ۾ ٿيو جنهن ۾ هڪ ٺهراءُ سينيٽر مشتاق احمد پيش ڪيو، ٺهراءَ ۾ چيو ويو ته مقرر وقت اندر چونڊون ڪرائڻ لازمي آهي، نگران حڪومت رڳو عبوري مدي لاءِ روزمرهه جا فيصلا ڪري سگهي ٿي. ٺهراءُ مطابق اليڪشن ڪميشن کان ُگهر آهي ته چونڊن جو اهتمام مقرر وقت اندر ڪيو وڃي. چونڊن جو اهتمام اليڪشن ڪميشن جو استحقاق نه آهي پر ان جو آئيني فرض آهي. قانون واري وزير چيو ته آئيني طريقيڪار مطابق اليڪشن ڪميشن آئين ۽ قانون جي روح مطابق اليڪشن ڪرائي. پي پي سينيٽر تاج حيدر چيو ته اليڪشن ڪميشن هڪ آئيني ادارو آهي، ان بابت چوڻ درست نه آهي ته هو بروقت اليڪشن نه ڪرائيندو. اسان کي شڪ ۽ وهمن کان بچڻو پوندو، اسان کي بدگماني نه ڪرڻ گهرجي. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته ڪنهن به شخص يا اداري کي صرف اهي اختيار حاصل آهن جيڪي ان کي آئين يا قانون ۾ مليل آهن ۽ اسيمبلين ٽوڙڻ کانپوءِ قائم ڪيل نگران حڪومت کي چونڊون ڪرائڻ ۽ روزمرهه جا فيصلا ڪرڻ جو اختيار آهي. ان سلسلي ۾ چيو ويو ته هي معزز ايوان اليڪشن ڪميشن کان مطالبو ڪري ٿو ته آئين جي آرٽيڪل 224 ۾ ڏنل مدي اندر چونڊون ڪرائڻ کي يقيني بڻائڻ لاءِ فوري طور سمورا ضروري قدم کنيا وڃن.ان کان علاوه قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته هي معزز ايوان سمورن رياستي ادارن تي زور ڀري ٿو ته هو آئين جي آرٽيڪل 224 ۾ ڏنل مدي اندر چونڊن جي انعقاد کي يقيني بڻائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن کي هر ممڪن مدد فراهم ڪرڻ جو پنهنجو آئيني فرض ادا ڪن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button