اسلام آبادپاڪستان

دشمن قوتن جي حرڪتن کي ناڪام بنائڻ لاءِ هر وقت تيار آهيون:آرمي چيف

اسلام آباد :آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته پاڪ فوج دشمن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بنائڻ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿي. پاڪ آرمي موجوده ۽ ايندڙ ڏينهن جي چئلينجز جو احساس رکي ٿي. انٽر سروسز پبلڪ رليشنز پاڪستان (آئي ايس پي آر) مطابق چيف آف آرمي اسٽاف، جنرل عاصم منير پاران جهلم ويجهو ٽلهه فيلڊ فائرنگ رينج جو دورو ڪيو. تلهه فائرنگ رينج پهچڻ تي ڪور ڪمانڊر منگلا آرمي چيف جو آڌرڀاءُ ڪيو. دوري دوران آرمي چيف لائو فائر ۽ جديد وي ٽي چئن ٽينڪن جي مشقن ۽ لانگ رينج ايس ايڇ 15 آرٽلري گنن جي شوٽنگ ۽ جديد اوزارن جي نمائش جو مشاهدو ڪيو. آرمي چيف کي اسٽرائڪ ڪور جي ڪارڪردگي تي بريفنگ ڏني وئي. آرمي چيف عملي جي جنگي مهارت ۽ جديد هٿيارن تي ان جي مهارت کي ساراهيو. دوري دوران خطاب ڪندي آرمي چيف چيو ته پاڪ فوج دشمن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام ڪرڻ جي پوري صلاحيت رکي ٿي. هن چيو ته پاڪ فوج دشمن قوتن جي سمورين حرڪتن کي ناڪام بنائڻ لاءِ هر وقت تيار آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button