اسلام آبادپاڪستان

وزيراعظم شهبازشريف ۽ اپوزيشن اڳواڻ راجا رياض جي ملاقات ملتوي

اسلام آباد :وزيراعظم شهبازشريف ۽ مخالف ڌر اڳواڻ راجا رياض جي ملاقات ٻيهر ملتوي ٿي وئي. ذريعن مطابق راجا رياض جي مصروفيتن سبب ٻيهر وزيراعظم شهبازشريف سان ملاقات نه ٿي سگهي. مخالف ڌر اڳواڻ راجا رياض چيو آهي ته اڄ وزيراعظم سان ملاقات جو امڪان آهي، ايندڙ ٽن ڏينهن ۾ نگران وزيراعظم جو نالو فائنل ٿي ويندو. ممڪن آهي ته وزيراعظم سان اڄ خميس تائين ٻيهر ملاقات ٿئي. راجا رياض کان سوال ڪيو ويو ته نگران وزيراعظم سان ملاقات نه ٿي سگهي ڇا ڪوئي ڊيڊ لاڪ آهي، مخالف ڌر اڳواڻ جواب ۾ چيو ته ڪنهن قسم جو ڊيڊ لاڪ نه آهي، ٽن ڏينهن جو وقت آهي ان ۾ گڏجي نگران وزيراعظم لاءِ صلاح مشورا ڪنداسين. راجا رياض کان سوال ڪيو ويو ته ٽن نالن تي اتفاق نه ٿيو ته ڇا اليڪشن ڪميشن تائين نگران وزيراعظم تائين نالو ويندو. راجا رياض جواب ڏنو ته ڪوشش ڪنداسين ته وزيراعظم ۽ مان ڪنهن هڪ نالي تي متفق ٿيون. هڪ سوال ته نگران وزيراعظم لاءِ سياستدان بهتر هوندو يا ڪوئي بيورو ڪريٽ راجا رياض چيو ته ڪوئي بهتر نالو هوندو جنهن کي عوام ۽ ميڊيا ساراهيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button