اسلام آبادپاڪستان

پي ٽي آئي چيئرمين کي جيل قاعدن موجب سهولتون ڏيڻ جو حڪم

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جيل مينوئل (قاعدن ۽ ضابطن) موجب تحريڪ انصاف چيئرمين کي سهولتن جي فراهمي جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق تحريڪ انصاف چيئرمين جي اڊيالا جيل منتقلي جي درخواست تي لکت حڪم جاري ڪيو. عدالت حڪم ڏنو آهي ته جيل مينوئل ۽ جن سهولتن جو پي ٽي آءِ چيئرمين حقدار آهي، اهي ئي کيس ڏنيون وڃن، منتقلي جي درخواست تي وفاق ۽ صوبائي حڪومت 11 آگسٽ تي جواب ڏين. اسلام آباد هاءِڪورٽ پي ٽي آئي چيئرمين جي اٽڪ کان اڍيالا جيل منتقلي ۽ جيل ۾ سهولتون فراهمي درخواست تي وفاق ۽ پنجاب حڪومت کي نوٽيس جاري ڪندي جواب گهري ورتو. پي ٽي آئي چيئرمين جي وڪيل شير افضل مروت موقف اختيار ڪيو ته عدالتي حڪم مطابق گذريل ڏينهن اٽڪ جيل ويا پر انهن اسان کي اجازت نه ڏني، چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڇا جيل ۾ ملاقات جو ڪوئي وقت هوندو آهي، ملاقات نه ڪرائڻ جو ڪو سبب ٻڌايو، جنهن تي شير افضل مروت ايڊووڪيٽ چيو ته 6 وڳي تائين ملاقات جو وقت هوندو آهي هڪ ٻيو واقعو به پيش آيو آهي. حيدر پنجوٿا ايڊووڪيٽ کي ڪالهه جاچ جي نالي تي 9 ڪلاڪ ايف آئي اي ويهاريو، چيف جسٽس چيو ته هي واقعو ڄاڻ ۾ آيو آهي جاچ جو مطلب ڪنهن کي حراسان ڪرڻ ناهي هوندو. شير افضل مروت ايڊووڪيٽ ٻڌايو ته ايئن ويهارڻ غيرقانوني تحويل ۾ رکڻ آهي، چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته جاچ جي نالي تي ايئن نه ٿيڻ گهرجي ته ڪنهن کي تنگ ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button