اسلام آبادپاڪستان

قومي اسيمبلي ۽ وفاقي ڪابينا ُٽٽي وئي

اسلام آباد :وزيراعظم شهباز شريف طرفان موڪليل سمري تي صدر صحيحون ڪري ڇڏيون، جنهن کانپوءِ قومي اسيمبلي ۽ وفاقي ڪابينا ٽوڙي وئي. ايڪسپريس نيوز موجب وزيراعظم شهباز شريف قومي اسيمبلي ٽوڙڻ جي سمري صدر ڏانهن موڪلي، جنهن جي ڊاڪٽر عارف علوي منظوري ڏئي ڇڏي.
نگران وزيراعظم جي مقرري تائين شهباز شريف وزيراعظم طور ڪم ڪندو رهندو. هوڏانهن پاڪستان پيپلزپارٽي نگران وزيراعظم لاءِ اڳوڻي پرڏيهي سيڪريٽري جليل عباس جيلاني ۽ اڳوڻي چيف جسٽس تصدق حسين جيلاني جو نالو ڏئي ڇڏيو آهي. ذريعن ٻڌايو آهي ته پي پي اڳوڻي چيف جسٽس تصدق حسين جيلاني جو نالو به ڏنو. ٻئي طرف وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته صدر کي اسيمبلي ٽوڙڻ جي سمري موڪلي آهي، اپوزيشن ليڊر راجا رياض سان اڄ ملاقات ڪندس، پي ٽي آءِ چيئرمين کي ڏنل سزا تي ڪا خوشي ناهي. ڪالهه پارليامينٽ ۽ ڪابينا اجلاس کي الوداعي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ڪنهن به حڪومت لاءِ 16 مهينا مختصر ترين عرصو آهي، ان جي ڀيٽ ۾ وڏا چئلينج ۽ مسئلا هئا، گذريل حڪومت جي ناڪامين ۽ نااهلي جو بار اسان تي پيو. هن چيو عمران نيازي پنهنجي ذات خاطر ملڪ کي قربان ڪرڻ چاهيو، دوست ملڪن کي ناراض ڪيو، آءِ ايم ايف معاهدي ۾ ڏکيائيون پيدا ڪيون. ماضي جي حڪومت جي سنگين غفلت جي ڪري ڪستو کڻڻو پيو. سندس چوڻ هو ته اسان جي حڪومت سياسي مخالفن کي جيل موڪلڻ ته پري جي ڳالهه پر انهن کي ناجائز طور تنگ به نه ڪيو، جيڪڏهن هڪ پارٽي جي ليڊر کي سزا ملي آهي ته اسان کي قطعي طور خوشي ناهي، دشمن کي به نه پٽڻ گهرجي پر الله جو رحم ۽ معافي وٺڻ گهرجي، ان تي مٺائي ورهائڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، ڪنهن ائين ڪيو ته اها قطعي طور سٺي روايت ناهي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته 9 مئي تي شهيدن ۽ غازين جي يادگارن جي بي حرمتي ڪئي وئي، اهو ڏينهن ڪاري ڏينهن طور ياد رکيو ويندو، 9 مئي تي جيڪو ٿيو اهو فوج ۽ آرمي چيف خلاف بغاوت هئي. هن وڌيڪ چيو ته اڄ وري هن ايوان کي 9 مئي جي سازش جو نوٽيس وٺي ٺهراءُ منظور ڪرڻ گهرجي ته جيئن قيامت تائين ملڪ ۽ فوج خلاف ڪو اهڙي جرئت جو سوچي به نه سگهي. وزيراعظم ڪابينا ميمبرن جي ڀرپور تعاون تي شڪريو ادا ڪيو. وزيراعظم چيو ته گڏيل حڪومت 16 مهينن ۾ سخت خدمت ڪئي، اوهان نه سوچو ته سياست قربان ٿيندي آهي، مان پنهنجي قائد نوازشريف، آصف زرداري ۽ مولانا فضل الرحمان جو ٿورائتو آهيان. شهبازشريف چيو ته اسان جي تاريخ جي مختصر ترين حڪومت هئي جيڪا 16 مهينا رهي، اوهان سڀني پنهنجي سياست کي قربان ڪري رياست کي بچايو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button