ملڪ ۾ چونڊون ٿيڻ ۽ نه ٿيڻ واري عمل تي ڪيتريون ئي اڳڪٿيون ٿي رهيون آهن. سياسي پارٽيون به ٻڏتر جو شڪار نظر اچي رهيون آهن. ملڪي معيشت جي حالت سڀني جي آڏو آهي. پي ٽي آءِ جي حڪومت جهڙي ريت ملڪي معيشت کي تباهه ڪيو، ان کان پوءِ رهيل ڪسر پي ڊي ايم جي حڪومت پوري ڪري ڇڏي. ڇاڪاڻ ته پي ڊي آءِ پنهنجي ڏيڍ سال دوران جيڪا مهانگائي ڪري عوام جي چيلهه چٻي ڪئي، ان جا اثر اڃا تائين عوام ڀوڳي رهيو آهي. نگران حڪومت ته پي ڊي ايم جا به سڀئي رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن. پيٽرول، گئس ۽ بجليءَ جي اگهن ۾ جيڪا واڌ ڪئي وئي آهي، ان سان عام ماڻهو ڪيترو متاثر ٿيو آهي، ان جو اندازو شايد نگران حڪومت کي ڪونهي، ان ڪري اها عوام جي هر ڏک کان لاتعلق آهي. جيڪڏهن بجليءَ جا بل وڌيڪ اچن ٿا ته چيو وڃي ٿو ته بجليءَ جو بل هر حال ۾ ڀرڻو پوندو پر ڪڏهن به حڪمران ان پاسي ڌيان ڏيڻ لاءِ تيار ڪونه آهن ته توانائيءَ جا متبادل ذريعا استعمال ڪري عوام کي سستي بجلي فراهم ڪئي وڃي. اهڙي ريت عوام لاءِ ڪنهن به حڪومت وٽ ڪو رليف ڪونهي.
سوال اهو آهي ته ڇا چونڊن کان پوءِ عوام وٽ لاءِ ڪو رليف هوندو، ڪو سياسي استحڪام هن ملڪ جي نصيب ۾ آهي يا قصو جيئن جو تيئن هلندو رهندو ۽ عوام لاءِ ڪجهه بهتر ٿيڻ جا امڪان ڪونه آهن. پيپلز پارٽيءَ جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اڄڪلهه سنڌ ۾ جلسا ڪري پنهنجي چونڊ مهم جي شروعات ڪري چڪو آهي. تازو جيڪي بيان بلاول جا سامهون آيا آهن، انهن مان ائين لڳي رهيو آهي ته هو هر حال ۾ چونڊون چاهي ٿو ۽ ان لاءِ هو پراعتماد پڻ لڳو پيو آهي. سندس چوڻ آهي ته اتحادي عام چونڊن کان ڀڄڻ چاهين ٿا، ميدان خالي نه ڇڏينداسين. اسان ڪلهي تي لاش کڻي به چونڊون وڙهڻ جا عادي آهيون. چونڊن کان نه ڀڄنداسين، ڪجهه اتحادي چونڊن کان ڀڄي رهيا آهن ته انهن کي ڀڃڻ نه ڏنو ويندو. سندس وڌيڪ چوڻ آهي ته جڏهن اوهين چونڊن ۾ حصو نه وٺندئو ته اوهان جي سيٽ ڪو ٻيو کڻي ويندو. ايم ڪيو ايم مڪاني چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو چيو انهن نه مڃيو. متحده وارن کي منٿون ڪيون ته اوهين پنهنجي جاءِ پي ٽي آءِ کي نه ڏيو پر هو ڊجي پوئتي هٽي ويا. اتحادين کي چئي رهيو آهيان ته ڊڄندئو ته مرندئو.
بلاول جون ڳالهيون سندس پيءُ آصف زرداري جي راءِ جي ان ڪري ابتڙ آهن، جو هن جو چوڻ آهي ته ملڪي معيشت ٺيڪ ڪجي، ملڪ رهندو ته سياست به هلندي رهندي. پر ڇا ملڪ کي سياست ناهي بچائيندي؟ سياسي ذهن ئي ملڪ کي بچائي ۽ هلائي سگهن ٿا. جيڪڏهن سياسي پارٽيون ۽ سياستدان ئي اسٽيبشلمينٽ جي ڊڪٽيشن تي هلندا هجن ته پوءِ ملڪ جو وهنوار هلائڻ مشڪل ٿي ويندو آهي. تنهنڪري هاڻ ملڪي معاملا سياسي پارٽين جي وس ۾ ڪونه رهيا آهن ته پوءِ انهن کي ڪهڙي ريت ٺيڪ ڪري سگهجي ٿو. سياسي پارٽيون ئي جمهوري تسلسل آڻينديون آهن ۽ اهي ئي بهتر فيصلا ڪري ان کي سنئين دڳ تي وٺي وينديون آهن. ان کان پوءِ ئي معيشت، ڪرپشن ۽ امن امان جا معاملا ٺيڪ ٿيڻ لڳندا آهن.
جيڪڏهن ملڪ جي معيشت ٺيڪ ڪرڻي آهي ته مافيائن جي نڪ ۾ ناڪيلي ڏيڻي پوندي ۽ بنا ڪنهن رک رکاءُ جي حساب ڪتاب ڪرڻو پوندو ته جيئن ملڪ جو گاڏو هلي سگهي. چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي ۽ اهو هڪ سياسي عمل آهي، جيڪو بنا ڪنهن رنڊڪ جي ٿيڻ گهرجي. پر ڇا هن وقت اسٽيبلشمينٽ وٽ ڪو اهڙو پلان آهي، جنهن سان ملڪي معاملن کي بهتر ڪري سگهجي. جيڪا پنهنجو پاڻ کي سياست کان ڌار ڪرڻ لاءِ تيار ڪونهي ۽ نه ئي اها ماضي مان ڪجهه سکڻ ٿي چاهي.
سياسي استحڪام سياسي پارٽيون ئي آڻي سگهن ٿيون. جن وسيلي جمهوري ڪلچر کي هٿي ملندي آهي. تنهنڪري اهو چوڻ ته پهرين معيشت ٺيڪ ڪجي پوءِ ٻيا معاملا بهتر ٿيندا ته اها اجائي ڳالهه آهي. ڇاڪاڻ ته ملڪ جو هر معاملو سياسي ساڃاهه سان جڙيل آهي ۽ ان لاءِ سياسي پارٽين کي هڪ ٿيڻو پوندو.