پاڪستان جي معاشي صورتحال اڃا تائين خراب آهي ۽ ان کي في الحال ڪا ٽيڪ ملڻ جو امڪان به ڪونهي. هن وقت پاڪستان عالمي بينڪ جي قرض هيٺ دٻيل آهي ۽ ان کانسواءِ اهو آءِ ايم ايف جي شرطن جي ڪوڙڪيءَ ۾ پڻ پاڻ کي ڦاسايو ويٺو آهي. جنهنڪري ان لاءِ پنهنجي معاشي حالت ۾ سڌارو آڻڻ ممڪن ڪونه ٿو لڳي. هن ملڪ جا حڪمران ۽ معاشي ماهر ايترا ته عجيب آهن جو اهي قرض لاهڻ لاءِ قرض کڻندا آهن ۽ مهانگائي ختم ڪرڻ لاءِ عوام مٿان ٽيڪس مڙهي وڌيڪ مهانگائي ڪندا آهن. جنهنڪري عوام جي حالت ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي پئي وڃي. نتيجي ۾ نه رڳو عام ماڻهو معاشي طور هر گذرندڙ ڏينهن کان پوءِ بدحال ٿي رهيو آهي پر ان لاءِ پنهنجو پاڻ کي سنڀالڻ ۽ روزمره جا خرچ پورا ڪرڻ به ڏکيو ٿي پيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن حڪومت رڳو آءِ ايم ايف جون شرطون مڃيندي رهي ته اهو اندازو لڳائڻ ڏکيو ڪونهي ته ان سان اشرافيا ۽ حڪمران طبقي جي صحت تي ڪو اثر ڪونه پوندو پر عام ماڻهوءَ لاءِ جيئڻ جا گس سوڙها ٿي ويندا ۽ ان لاءِ پنهنجا خرچ پورا ڪرڻ به ڏکيو ٿي ويندو پر جيئن ته پي ٽي آءِ جي دور ۾ آءِ ايم ايف سان ڪيترائي معاهدا ٿي چڪا هئا، ان ڪري هاڻ عوام مٿان معاشي بار هر صورت ۾ پوڻو آهي.
تازو عالمي بينڪ هڪ ڀيرو وري پاڪستان جي حڪومت کي مشورو ڏنو آهي ته 50 هزار کان گهٽ آمدني وارن تي ٽيڪس لڳايو وڃي. پنج لک رپيا ماهوار آمدني وارن تي 35 سيڪڙو ٽيڪس لڳايو وڃي. وفاق انهن شعبن تي خرچ نه ڪري جيڪي صوبن جي اختيار ۾ اچن ٿا. اين ايف سي جو وري جائزو ورتو وڃي. وفاقي ۽ صوبائي اختيار ۾ فنانسنگ جي حڪمت جوڙي دڪاندارن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آندو وڃي. زرعي شعبي ۾ ساڍا 12 ايڪڙ زمينن جي مالڪن تي به ٽيڪس لاڳو ڪيو وڃي. پاڪستان ۾ 50 هزار کان گهٽ آمدني وارا ڪروڙين ماڻهو آهن، جيڪڏهن انهن مٿان به ٽيڪس لاڳو ڪيو ويندو ته پوءِ انهن وٽ باقي ڇا بچندو. جڏهن ته اهي اڳ ئي حڪومت جي ڪيل اپائن سبب لوڙي رهيا آهن، انهن جي معاشي حالت اڳ ئي ايتري بدتر آهي جو انهن گذارو ڪونه پيو ٿئي. ملڪ ۾ ڪڏهن به امير طبقي کان ٽيڪس جي اوڳاڙي نٿي ڪئي وڃي. ان ڪري ملڪ جو سڄو ٽيڪس نظام تباهه لڳو پيو آهي.
اسين سمجهون ٿا ته ملڪ کي جيڪڏهن معاشي طور بهتر ڪرڻو آهي ته انهن خامين کي ختم ڪرڻو پوندو، جن جي ڪري هيستائين ملڪ معاشي تباهي ڪناري پهچي چڪو آهي. تنهنڪري هر ڀيري آءِ ايم ايف جون شرطون مڃڻ بدران کي ملڪ جي زميني حقيقتن بابت ٻڌائڻ ضروري آهي ته جيئن عام ماڻهوءَ جي حالت ۾ ڪو سڌارو اچي سگهي. اهو امير طبقو جيڪو ڏهاڪن کان ٽيڪس ڇوٽ حاصل ڪريو ويٺو آهي، ان کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن غريب طبقو اڳ ئي ٽيڪس ادا ڪري رهيو آهي، ان جي معاشي حالت بهتر ڪرڻ لاءِ آءِ ايم ايف ۽ حڪمرانن کي ان ڳالهه تي زور ڏيڻ گهرجي ته وڌ کان وڌ ٽيڪس اميرن ۽ سرمائيدارن کان ورتو وڃي.