ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

افغان پناهگير، سياسي پارٽيون ۽ کاٻي ڌر – I

Editorial-Article- Akhtar Hafeez

جيڪڏهن آمر ضياءُالحق پاڪستان جي ماڻهن کي افغان جنگ جو ٻارڻ نه بڻائي هئا ته اڄ پاڪستان ۾ لکين افغانين جي لوڌ نه هجي ها. سوويت يونين کي شڪست ڏيڻ لاءِ آمريڪا سان ڳٺ جوڙ ڪري آمر ضياءُالحق پنهنجن تقريرن ۾ سدائين چوندو هو ته پاڪستان جا مجاهد پنهنجي وطن جي جنگ وڙهي رهيا آهن، جيڪي اوهين (عوام) انهن جي ڪا مدد نٿا ڪري سگهو ته گهٽ ۾ گهٽ انهن کي دعائون ته ڏئي سگهو هو. پر جيئن ته جنگين مان پيدا ٿيندڙ نتيجا اميدن جي ابتڙ هوندا آهن. تنهنڪري افغان-آمريڪا جنگ جي خاتمي کان پوءِ سڀ کان وڌيڪ پاڪستان جي عوام ڀوڳيو آهي. ان جنگ جو جيڪو ردعمل طالبان، القاعده ۽ ٻين انتهاپسند تنظيم پاران آيو، ان سان اهو ٿيو جو پاڪستان ۾ دهشتگرديءَ جا واقعا وڌي ويا. هتي ڪو به اهڙُو صوبو ڪونهي بچيل جيڪو دهشتگرديءَ جو شڪار نه ٿيو هجي. پر جنگين کان پوءِ جيڪا لڏپلاڻ ٿيندي آهي، اها نه رڳو ملڪن جي ڊيموگرافي تبديل ڪندي آهي پر ان سان ٻيا به ڪيترائي مسئلا جنم وٺندا آهن. هن وقت پاڪستان، افغانين کي واپس موڪلڻ جو فيصلو ڪري چڪو آهي ۽ انهن کي پهرين نومبر تائين مهلت پڻ ڏني وئي آهي.

گڏيل قومن جي انساني حقن واري ايجنسي UNHCR موجب پاڪستان ۾ 37 لک افغاني رهن پيا، جن مان 13 لک رجسٽرڊ افغان پناهگير آهن، ان کان سواءِ 840000 کي افغان شهريت واري ڪارڊ مليل آهي، جڏهن ته 775000 ڪنهن به ڪاڳر پٽ ۾ ڪونه آهن. ان کانسواءِ 600000 آگسٽ 2021ع ۾ اچي چڪا آهن، اهي انگ اکر هڪ اندازي موجب آهن ۽ اڄ کان ٻه سال اڳ جا آهن. ان دوران افغانين جو ڪيترو انگ وڌيو هوندو، ان حوالي سان تازي رپورٽ موجود ڪونهي.
افغان شهرين کي پاڪستان ۾ نيڪالي ڏيڻ جي حوالي سان ڪيتريون ئي سياسي پارٽيون اڃا تائين به پنهنجو موقف چٽي نموني ڪونه ڏئي سگهيون آهن. جيڪڏهن ڪن ڏنو آهي ته انهن جون همدرديون افغان شهرين سان آهن. جيئن جمعيت علماءِ اسلام، پختونخوا ملي عوام پارٽي ۽ اي اين پي ان خيال جون آهن ته پاڪستان ۾ جيڪي افغان شهري رهن پيا، انهن کي هتي رهڻ ڏنو وڃي، کين پنهنجي وطن موڪلڻ انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي. ان کانسواءِ پي ٽي آءِ سوڌو ڪيتريون ئي پارٽيون ان خيال جون آهن ته جيڪي افغاني ٻار هتي ڄاوا آهن، انهن کي هتان جي شهريت ڏني وڃي. افغانين جو معاملو ڪو اڄ جو ڪونهي پر ماِضي ۾ به ان تي بحث ٿيندا رهيا آهن، سياسي پارٽيون ان تي سياست ڪنديون رهيون آهن ۽ اسٽيبلشمينٽ انهن کي آباد ڪرڻ ۾ مک ڪردار ادا ڪيو آهي.
ڇا پاڪستان جي ڪنهن به سياسي پارٽيءَ ۾ اها همت آهي ته اها هڪ افغانيءَ کي پنهنجي ملڪ موڪلي سگهي يا غيرقانوني ترسيل افغانين خلاف ڪا چونڊيل حڪومت ڪارروائي ڪري سگهي. ان ڪري جو افغان پناهگيرن کي رهائڻ ۽ انهن لاءِ سهولتن جو بندوبست ڪرڻ ڪنهن به سياسي پارٽيءَ جي هٿ وس ڪونهي. ملڪ جي اصلي حاڪمن نه رڳو انهن کي هتي آباد ڪيو آهي پر انهن لاءِ هر قسم جون سهولتون به پيدا ڪيون آهن. تنهنڪري اهي هتي ڪاروبار ڪن ٿا، ملڪيتون خريد ڪن ٿا ۽ ان کانسواءِ جيڪڏهن اهي سنڌ جي اصلوڪن ماڻهن سان وڙهڻ توڙي انهن جو خون ڪرڻ ۾ به دير نٿا ڪن ۽ اهو سڀڪجهه انهن کي ڦٻجي ويندو آهي. ڇاڪاڻ ته انهن کي هتان جي اصل مالڪن جي پٺڀرائي حاصل آهي.
انساني همدرديءَ جي بنياد تي جنگي متاثر ماڻهن کي عالمي قانونن موجب پناهه ڏئي سگهجي ٿي پر انهن کي اصلوڪن ماڻهن جي ڌرتيءَ جو مالڪ نٿو ڪري سگهجي. تنهنڪري اهي مذهبي ڌريون ۽ سرخا جيڪي افغانين جي ڏک ۾ مريو ٿا وڃن، جن کي انساني همدردي رڳو افغانين لاءِ جاڳي ٿي ۽ جن کي سڄي دنيا جي پورهيتن ۽ مظلومن جو درد لڳو پيو آهي ته کين سنڌ جي ماڻهن جي مظلوميت به ياد اچڻ گهرجي. ڪنهن ماڻهوءَ لاءِ پنهنجي ڌرتيءَ جي مالڪي ڪرڻ کان وڏو نظريو ڪوبه ڪونهي. ڇا ڪوبه هڪ افغاني سنڌ جي ڪچي جي انهن ماڻهن کي افغانستان ۾ پناهه ڏيندو، جيڪي ڌاڙيلن جا ستايل آهن. ڇا افغان حڪومت هڪ هزار سنڌين کي افغانستان ۾ پناهه ڏئي انهن کي اهي ساڳيا حق ڏئي سگهي ٿي، جيڪي کين پاڪستان ۾ مليل آهن. تنهنڪري هي معاملو انسانيت جو ڀلي هجي، پر انهن اصلوڪن ماڻهن، خاص ڪري سنڌي قوم جو آهي، جيڪا افغانين جي ڪري سخت متاثر ٿي رهي آهي، جنهن جو اهم ترين مثال ڪراچي آهي، جتي لکن جي انگ ۾ افغاني آباد آهن ۽ اهي نه رڳو اتي ڪاروبار ڪري رهيا آهن پر ڏوهاري سرگرمين ۾ به ملوث آهن. (هلندڙ)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button