سنڌ ۾ نوجوانن جي خودڪشيءَ جا روز ٿيندڙ واقعا هڪ بحران ڏانهن اشارو ڪري رهيا آهن، اهي خودڪشيون دراصل احتجاج آهن ۽ سماج کي پنهنجي ئي ٺاهيل ڄار ۾ ڦاٿل هجڻ ڏانهن اشارو ڪري رهيون آهن. اسان جي سماج ۾ ڪاميابيءَ جو هڪ ڏکوئيندڙ وهم مختلف قوتن پاران نوجوانن کي ڏنو پيو وڃي.
اهو وهم بظاهر ته پراميد نظر اچي ٿو پر حقيقت ۾ اهو ڪاميابيءَ جو وهم نوجوان نسل کي ڊپريشن جي کاهيءَ ۾ ڌڪي رهيو آهي. والدين پنهنجي اڻ کٽ اميدن ۽ خوابن جو وزن ارادي توڙي غير ارادي طور ٻارن مٿان مڙهي وهم ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندا آهن، جيڪو پاڻ ڪري سگهيا آهن يا نه ڪري سگهيا آهن، ان جي خواهش ٻارن مان رکن ٿا ۽ ڪاميابيءَ جي روايتي تصورن سان هڪجهڙائي رکڻ جو دٻاءُ وجهن ٿا. جيئن اسان وٽ ٻار يا ته ڊاڪٽر ٿيندا يا وري انجينئر، عزت وارو ڪيريئر، مالي استحڪام ۽ ان کان به وڌيڪ نوجوانن کي اهو محسوس ٿئي ٿو ته اهي والدين پاران ڏنل انهن بلند معيارن تي لهڻ جي قابل ناهن. ٻارن ۾ ڀلي پنهنجي ڪيتري ئي قابليت ڇو نه هجي، پر جيڪڏهن والدين پاران ڏنل اسڪيم تحت ناهي ته پوءِ والدين توڙي مٽ مائٽ ان ٻار جو جيئڻ ئي جنجال ڪريو ڇڏين.
پاڪستان جي تعليمي نظام ۾ علم، صلاحيتن کي هٿي ڏيڻ، تنقيد ۽ سوال جي ڪا گنجائش ناهي. سڄو نظام يادداشت جي مقابلي بازيءَ تي بيٺل آهي. گريڊ ۽ امتحانن جي نتيجن تي زور آهي. هولسٽڪ (مجموعي) سکيا بدران ان وهم کي برقرار رکجي ٿو ته تعليمي ڪاميابيون ۽ ڊگري ئي ڪاميابيءَ جي وصف آهن. نتيجي ۾ ڊگري وٺڻ کان پوءِ نوجوان ذهني صحت وڃائڻ سان گڏوگڏ وقت ۽ طاقت ڏيڻ جي باوجود هٿين خالي بيٺا آهن ۽ مايوسين جي ور چڙهيل آهن.
سياسي منظرنامو پڻ نوجوانن ۾ احساس محرومي ۽ مايوسي پيدا ڪرڻ جو ڪارڻ آهي. معاشي غيريقيني، بيروزگاري، موقعن جي کوٽ، نااميديءَ جي جذبن کي تيز ڪري ٿو. سياسي نظام مان مايوسي ۽ ان مان مثبت تبديلي اميد نه هجڻ ڪري نوجوان نسل گهري مايوسيءَ جو شڪار آهي. ان کان سواءِ پاليسي سازيءَ ۾ دورانديشي بدران تڪڙن فائدن ۽ توڙي مهانگائي ۽ ڊگرين جي ڳرين فين سبب نوجوان پريشان آهن. ان کان سواءِ ميڊيا پڻ غيرحقيقي دنيا جي منظرنگاري ڪري رهي آهي، ميڊيا نوجوانن جي ذهن ۾ عجيب غريب ڪاميابيءَ جو وهم پيدا ڪري رهي آهي. ڌيان ڇڪائڻ ۽ عوام کي مشغول رکڻ لاءِ ميڊيا گهڻو ڪري ڪاميابيءَ جو هڪ مثالي نسخو پيش ڪري ٿي.
بي مقصد حاصلات، مادي دولت، تڪڙي امير ٿيڻ جي تصورن ۽ داستانن جي لاڳيتي بمباري هڪ ڀوائتو معيار پيدا ڪري ٿي. جنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيترائي نوجوان پاڻ کي مجبور ۽ بيوس محسوس ڪن ٿا. ميڊيا جي چمڪيلي ڪاميابيءَ جي تصوير ۽ اميد، ٻئي طرف سخت ۽ تڪليف واريون حقيقتون هڪٻئي جي ابتڙ آهن. جنهنڪري مايوسي ۽ نااميديءَ لاءِ راهه هموار ٿئي ٿي. هر يوٽيوبر، موٽيويشنل اسپيڪر ئي ٻين کي ٻين جي ڪاميابيءَ جا راز ٻڌائيندو آهي ۽ پاڻ هڪ لائيڪ لاءِ منٿون پيو ڪندو آهي. پنهنجي ذاتي زندگيءَ ۾ ڪيترو ئي ناڪام ڇو نه هجي، ميڊيا تي اچي ٻين کي زندگي ڪيئن گذارجي جا مشورا پيو ڏيندو ۽ اسان جا نوجوان وري انهن کي سچ پيا سمجهندا، انهن وهمن کي آئيڊيلائيز پيا ڪندا. فلمن توڙي ڊرامن ۾ هيرو هيروئن کي حاصل ڪرڻ لاءِ رات پيٽ ۾ امير ٿيندي ڏيکاريندا آهن، جيڪو حقيقت ۾ ممڪن ڪونهي.
ان سماجي دٻاءُ جي نتيجي ۾ نوجوانن جو هڪ خطرناڪ انگ اميدن جي وزن هيٺيان دٻيل آهي. جتي فقط ڊپريشن جي اونهي کاهي آهي. سماجي معيارن کي پورو ڪرڻ جي بيوسيءَ سان گڏ اڻپوري هجڻ جو احساس وري انهن نوجوانن بي حس سماج مان اها به توقع رکي ٿو ته هو غور ڪن، سمجهن جن کي ڪڏهن سوچڻ سيکاريو ئي ڪونه ويو آهي ۽ نه ئي سوچڻ ڏنو ويو آهي ته انهن وهمن کي اپنايو به ته مڪمل انسان ئي آهي، نتيجي ۾ نوجوانن ۾ خودڪشيءَ جي واقعن ۾ افسوسناڪ واڌ ٿي آهي.
نااميدي جي چڪر مان آزاد ٿيڻ لاءِ سماجي فڪر ۽ نظام ۾ تبديليءَ جي سخت ضرورت آهي. والدين، استادن، سياستدانن ۽ ميڊيا جي دڪانن لاءِ لازمي طور ڪاميابيءَ جي تصور کي نئين سر ترتيب ڏيڻ ۾ پنهنجي ڪردار جو جائزو وٺڻو پوندو. هڪ جامع ۽ شفقت وارو رستو اختيار ڪجي، جيڪو سخت سماجي معيارن بدران فرد جي ڀلائيءَ کي اهميت ڏئي، هڪ صحتمند ۽ مددگار ماحول لاءِ رستو هموار ڪري، جتي نوجوان نسل حاصل نه ڪري سگهڻ ۽ هڪ ٻي شڪل جي ڪاميابيءَ جي وهم ۾ وٺجڻ کانسواءِ ترقي ڪري سگهن.