شوبز

درگذر ڪرڻ ۽ اڳيان وڌڻ ۾ ترقي آهي: هانيھ عامر

پاڪستاني اداڪارا هانيھ عامر اڳوڻي دوست راڳي عاصم اظهر جي ميوزڪ ڪنسرٽ ۾ شرڪت ڪرڻ تي پاڻ مٿان ٿيندڙ تنقيد ۽ عاصم اظهر جي ردعمل تي ڳالهائيندي چيو آهي تھ درگذر ڪرڻ ۽ اڳيان وڌڻ ۾ ترقي توڙي ذهني پختگي ملندي آهي. ميڊيا مطابق هانيھ عامر پوسٽ شيئر ڪندي وڌيڪ ٻڌايو تھ نفرت کي دل ۾ رکڻ ئي سان ڪمزوري پيدا ٿيندي، تنهنڪري خوشين کي ماڻيو، ان ۾ ڀلائي آهي. هن چيو تھ خراب يادن کي سنڀالڻ سان ڪجهه نھ ملندو، زندگي تھ مختصر ئي آهي. ان کان اڳ عاصم اظهر پوسٽ شيئر ڪندي چيو هو تھ ماڻهو تڪرار ڀلي پيدا ڪري پاڻ وڻائين، پر وٽ ڪم وڌيڪ اهم آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button