شوبز

ٽرمپ ميگهن ۽ هيري جي علحدگي جو اشارو ڏئي ڇڏيو

آمريڪا جي اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ برطانوي شاهي گهراڻي کان ڌار ٿي ويل شهزادي هيري ۽ سندس زال ميگهن مرڪل جي شادي ختم ٿيڻ ۽ سندن وچ ۾ علحدگي ٿيڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق ڊونلڊ ٽرمپ ميگهن مرڪل تي شهزادي هيري کي استعمال ڪرڻ جي دعوا بھ ڪئي آهي. ان حوالي سان ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ آهي تھ مون کي لڳي ٿو تھ ميگهن هيري کي استعمال ڪيو، ان تي شهزادو پڇتائيندو. هن چيو تھ ميگهن مرڪل جي ڪري شهزادي هيري جو شاهي خاندان سان تعلق بھ خراب ٿيو آهي، جنهن تي هڪ ڏينهن شهزادو هيري تمام گهڻو پڇتائيندو. ٽرمپ اهو پڻ چيو تھ ايندڙ وقت ۾ ڪجهه ماڻهو مڃيندا تھ ٽرمپ اڳڪٿين ڪرڻ ۾ ماهر ثابت ٿيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button