شوبز

ڪترينا ۽ وڪي ڪوشل شادي ڪري ڇڏي: ڀارتي ميڊيا

بالي ووڊ جي اداڪار جوڙي ڪترينا ڪيف ۽ وڪي ڪوشل بابت ڀارتي ميڊيا دعوا ڪئي آهي تھ انهن ڪورٽ ميريج ڪري ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق ڪترينا ڪيف ۽ وڪي ڪوشل گهر ۾ ئي شادي وارن قانوني دستاويزن تي صحيحون ڪيون، جنهن سان سندن ڪورٽ ميريج وارو مرحلو مڪمل ٿي ويو آهي. قانوني ماهرن جو چوڻ آهي تھ وڪي ڪوشل ۽ ڪترينا ڪيف شادي جي 1954ع ايڪٽ تحت پرڻو ڪيو آهي، ڇوتھ اهو قانون ٻن ڌار ڌار مذهبن سان تعلق رکندڙ جوڙن کي تحفظ ڏئي ٿو، ڇاڪاڻ تھ ڪترينا ڪيف مسلمان ۽ وڪي ڪوشل هندو هجڻ ڪري کين ان قانون تحت پرڻو ڪرڻُ پيو آهي. جڏهن تھ جوڙي جي ڪورٽ ميريج تقريب ۾ گهوٽ ڪنوار، گهرڀاتي ۽ دوست شريڪ ٿيا آهن. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ ڪورٽ ميريج بعد جوڙي جي شادي جون رسمون اڄ کان شروع ٿينديون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button