شوبز

جيڪلين جي گرفتاري جو امڪان، پرڏيهه وڃڻ کان روڪيو ويو

بالي ووڊ جي خوبصورت اداڪارا جيڪلين فرنانڊس جي مني لانڊرنگ ڪيس جي جاچ ۾ شامل ٿيڻ بعد ان جي گرفتار جا امڪان وڌي ويا آهن. ميڊيا مطابق ڀارتي جاچ اداري انفورسمينٽ ڊائريڪٽوريٽ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ جيڪلين کي بھ شامل ڪري ڇڏيو آهي، ڇاڪاڻ تھ 200 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جي مني لانڊرنگ ۾ ملوث جوابدار سڪيش چندر شيکر سان سندس لاڳاپا سامهون آيا آهن، جنهن بعد اختيارين جيڪيلن فرنانڊس کي پرڏيهه وڃڻ کان ممبئي ايئرپورٽ تي روڪي ڇڏيو آهي. ٻڌايو وڃي ٿو تھ جاچ ۾ جوابدار سڪيش چندر شيکر اعتراف ڪيو تھ هن نورا فتحي  کي ڪار ۽ جيڪلين فرنانڊس کي ڪروڙن جا تحفا ڏنا آهن. هوڏانهن سپر اسٽار سلمان خان مني لانڊرنگ جي ڪيس بعد جيڪلين کان رستا ڌار ڪري ڇڏيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button