پاڪستانسنڌعالمي

آمريڪا جو ٽائيم اسڪوائر به سنڌي ثقافت جي رنگن سان رڱجي ويو

نيويارڪ: سنڌ ۽ پاڪستان کانسوا دنيا جي ٻين ملڪن ۾ به سنڌي ثقافت جو ڏهاڙو وڏي جوش، جذبي ۽ سنڌ سان محبت جي وچن طور تي ملهايو ويو. ان سلسلي ۾ آمريڪا جي ڪاروباري مرڪز ۽ اميگرينٽس شهر نيويارڪ جي دل مينهاٽن ۾ سنڌين ثقافتي ڏهاڙي تي شهر ۾ دنيا جي سياحن لا ڪشش جي مرڪز ٽائيمز اسڪوائر تي گڏجي ميلو مچايو.

سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا (سانا) جي ٽن رياستن نيويارڪ، نيوجرسي ۽ ڪنيڪٽيڪٽ تي ٻڌل ٽرا اسٽيٽ سانا چيپٽر پاران ٽائيمز اسڪوائر تي سنڌين جو ميڙاڪو ڪوٺايو ويو، جتي سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ پاتل سنڌي هزارين آمريڪين ۽ دنيا جي ٻين ملڪن مان آيل سياحن جي توجهه جو مرڪز بڻيل رهيا.

سنڌين پنهنجي خاندان سان گڏ شرڪت ڪئي ۽ سنڌي موسيقي تي رقص ڪندا رهيا. ميلي سياحن ۽ گهمڻ لا آيل هر مرد توڙي عورت جو ڌيان ڇڪايو ۽ کين سنڌي گانن تي جهومڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. سنڌين جو اهو تاريخ ۾ پهريون ڀيرو آمريڪا جي معاشي مرڪز ۾ ايڏي وڏي پيماني تي ميڙ ٿيو. سانا جي مرڪزي نائب صدر آفتاب ميمڻ، سانا ٽرا اسٽيٽ جي صدر ذوالفقار خاصخيلي، جنرل سيڪريٽري رمضان چانڊيو، نائب صدر شوڪت زرداري، جوائنٽ سيڪريٽري شير جوڻيجو، انفارميشن سيڪريٽري حميد چانڊيو ۽ خزانچي شهادت علي ملاح ميڙاڪي ۾ آيل سنڌين جا ٿورا مڃيا ۽ عهد ڪيو ته هر سال اڳي کان وڌيڪ ۽ وڏي پيماني تي اهڙا ثقافتي پروگرام ڪيا ويندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button