شوبز

ڪترينا شادي جون ٻيون تصويرون بھ شيئر ڪري ڇڏيون

بالي ووڊ جي خوبصورت اداڪارا ڪترينا ڪيف وڪي ڪوشل جي ڪنوار بڻجڻ بعد شادي جي باقي رسمن جون تصويرون پڻ شيئر ڪري ڇڏيون آهن، جن ۾ مايون، هيڊ لڳائڻ ۽ ٻين رسمن کي بيان ڪيو ويو آهي. ڪترينا ۽ وڪي ڪوشل هڪ تصوير ۾ هڪٻئي جي چهرن تي هيڊ لڳل نظر اچي رهيا آهن ۽ ٻئي تمام گهڻا خوش آهن. هوڏانهن دهلي پوليس ڪترينا ۽ وڪي جي نالن سان هڪ دلچسپ پيغام جاري ڪري ماڻهن کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو آهي، پيغام ۾ چيو ويو آهي تھ اوهان پنهنجي پاسورڊ ۽ ڪوڊز کي اهڙي ريت ڳجهو ۽ لڪائي رکيو، جيئن قطرينا ۽ وڪي پنهنجي شادي کي ڳجهو رکيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button