پاڪستانسنڌ

ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي خلاف پ پ جا سڄي سنڌ ۾ ڌرڻا

ڪراچي ۾ صوبائي وزير سعيد غني جي اڳواڻي ۾ ايمپريس مارڪيٽ آڏو مظاهرو ڪيو ويو، لاڙڪاڻي ۾ شيخ زيد موڙ تي ڌرڻو هڻي احتجاج ڪيو ويو، ٺٽي ۽ مٽياري ۾ پڻ ڌرڻا هنيا ويا. حيدرآباد ۾ واڌو واهه وٽ با پاس تي ڌرڻو هڻي احتجاج ڪيو ويو ،دادو، مٺي، خيرپور، ميرپور خاص، ٽنڊو محمد خان،ٽنڊو الهيار،جيڪب آباد، شڪارپور، ڄامشوري، نئين ديري، قمبر، اوٻاوڙو، سجاول جوڻيجو، باقراڻي، ڏوڪري، ڳڙهي ياسين، قبو سعيد خان، تلهار، ماتلي، گولاڙچي، مٽياري ۽ ٻين شهرن ۾ پڻ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا. صوبائي وزير سعيد غني، نثار کهڙو، مولابخش چانڊيو ۽ ٻين ڌرڻن کي خطاب ڪندي چيو ته نيازي سرڪار عوام کي خودڪشين تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي،سليڪٽيڊ حڪومت گهرڀيڙو ڪرڻ کانسوا سک جو ساهه نه کڻنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button