پاڪستانسنڌ

سانگهڙ اسپتال جي ايمبولينس ٻيراڻي موڪلڻ خلاف بک هڙتال

سانگھڙ: سانگهڙ ۾ اسپتال جي ايمبولينس ٻيراڻي شهر جي انتظاميا حوالي ڪرڻ خلاف سانگهڙ ڊيموڪريٽڪ الائنس جي اڳواڻ جبار جوڻيجو، ظھير جتوئي، طفيل احمد راجپوت، قاسم عادل لغاري، رشيد راجپوت، سليم رضا ڏاھري، سول سوسائٽي اڳواڻ منصور جبار ميمڻ، انساني حقن جي اڳواڻ ڄام غلام قادر انڙ. سني جوڻيجو. ساجد بلوچ. ڏاڙھون جانوري ۽ ٻين مظاهرو ڪري پريس ڪلب اڳيان بک ھڙتال ڪئي. اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته اسان جي تعلقي ۾ سھولتن جي اڳ ئي کوٽ آهي، سانگھڙ سول اسپتال کي مليل او جي ڊي سي ايل سوشل فنڊ مان مليل ايمبولينس ڊي جي صحت ھڪ خط ذريعي ٻيراڻي موڪلي ڇڏي آهي، رات پيٽ ۾ ڊي جي ھيلٿ ڊي ايڇ او سانگھڙ سان ملي ايمبولينس ٻيراڻي موڪلي، جيڪا زيادتي آهي. هنن گهر ڪئي ته ٻيراڻي موڪليل ايمبولينس واپس ڏياري وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button