شوبز

ڀارت جي هرناز سنڌو ڪائنات جي سونهن راڻي بڻجي وئي

ڀارت جي هرناز ڪور سنڌو ڪائنات جي نئين سونهن راڻي چونڊجي وئي آهي، جنهن دنيا جي 80 چونڊ حسينائن کي پوئتي ڌڪي عالمي اعزاز حاصل ڪري ورتو آهي. ميڊيا مطابق اسرائيل جي مشهور سياحت واري ماڳ پورٽ آف ايليٽ ۾ منعقد ٿيل مس يونيورس 2021ع جي مقابلي ۾ هرناز سنڌو سونهن راڻي جو تاج پنهنجي مٿي تي سجايو. 2000ع ۾ لارادتا جي مس يونيورس بڻي هئي ۽ هاڻ 21 سالن بعد هرناز سنڌو ڀارت کي تاج آڻي ڏنو آهي.

مقابلي ۾ پيراگوئي جي ناديھ ٻيو ۽ ڏکڻ آفريقا جي لاليلا مسواني ٽئين نمبر تي آيون آهن. مس يونيورس چونڊجڻ بعد ڳالهائيندي هرناز سنڌو چيو تھ، نوجوان پنهنجي زندگي جا پاڻ ليڊر آهن، انهن کي للڪار بڻجي اڳتي اچڻ گهرجي، ڇوتھ اهي ئي پنهنجو آواز پاڻ آهن، منهنجي ڪاميابين پويان بھ اهو فڪر آهي. ان کان اڳ مس يونيورس جي تاج واري مقابلي ۾ 80 ملڪن جي حسينائن حصو ورتو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button