رانديون

فيصل حسنين پي سي بي جو نئون سي اي او مقرر

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۾ فيصل حسنين کي نئون چيف ايگزيڪيٽو مقرر ڪيو ويو آهي، جيڪو ايندڙ مهيني چارج سنڀاليندو. ميڊيا مطابق پي سي بي نئين چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر جي مقرري جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. پي سي بي جي جاري ڪيل بيان ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ فيصل حسنين ايندڙ مهيني پنهنجي عهدي جي چارج وٺي ڪم شروع ڪندو. هن انگلينڊ مان چارٽرڊ اڪائونٽنٽ جي ڊگري ورتي آهي ۽ اسپورٽس ايڊمنسٽريشن ۽ فنانس ۾ 35 سالن جو تجربو رکي ٿو. هوڏانهن چيئرمين رميز راجا بيان ۾ چيو آهي تھ مان پي سي بي ۾ سي اي او طور فيصل حسنين کي ڀليڪار چوان ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button