رانديون

ڪوهلي ڪپتاني کسجڻ تي ناراض، پريڪٽس ۾ بھ نھ آيو

ڀارت جي ون ڊي ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان ويرات ڪوهلي بابت انڪشاف ٿيو آهي تھ هو ڪپتاني کسجڻ تي ناراض آهي، جنهن سبب پريڪٽس ۾ بھ نھ آيو. ميڊيا مطابق ويرات ڪوهلي بابت ٻڌايو پيو وڃي تھ هو ون ڊي جي ڪپتاني بنا ٻڌائڻ جي واپس وٺڻ تي اڃا ڪاوڙيل آهي. جڏهن تھ ڏکڻ آفريقا واري اسڪواڊ ۾ شامل رانديگرن جو پريڪٽس سيشن رکيو ويو هو، جيڪو رانديگرن جي ڪورنٽائين ۾ وڃڻ کان اڳ رکيو ويو، ان سيشن بابت ويرات وهلي اطلاع بھ ڏنو ويو، پر هو نھ آيو. ڪرڪيٽ بورڊ جي اختيارين کيس ڪيترائي فون ڪيا، پر هن ڪو جواب نھ ڏنو. هوڏانهن بي سي سي جي هڪ عملدار جو چوڻ آهي تھ کين اميد آهي تھ ڪوهلي اسڪواڊ کي جوائن ڪندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button