
پاڪستان جي هاڪي ٽيم جا سينيئر گول ڪيپر ويزا جاري ٿيڻ بعد بنگلاديش پهچي ويا آهن. ميڊيا مطابق هاڪي ٽيم جي سينيئر گول ڪيپرن امجد علي ۽ مظهر عباس کي بنگلاديش جا ويزا جاري ڪيا ويا آهن، جنهن بعد اهي پرڏيهي فلائيٽ ذريعي ڍاڪا روانا ٿيا. هنن چيو تھ بهترين پرفارمنس ڏينداسين.