شوبز

ارسلان بٽ ۽ ترڪ اداڪاره اسرا بلگيج جلد گڏ نظر ايندا

لاهور: پاڪستاني اداڪار ارسلان اسد بٽ ترڪ اداڪاره اسرا بلگيج سان جلد هڪ پراجيڪٽ ۾ نظر ايندو. اسلامي فتحن تي ٻڌل مشهور ترڪ سيريز ارطغرل غازي ۾ اسرا بلگيج حليما سلطان جو ڪردار ادا ڪيو هو جنهن کي پاڪستان ۾ مقبوليت حاصل ٿي. هاڻي اداڪار ارسلان بٽ انسٽاگرام تي تصوير شيئر ڪئي ۽ ڪئپشن ۾ ٻڌايو ته ٻئي هڪ پراجيڪٽ ۾ گڏ ڪم ڪري رهيا آهن. اداڪار پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو ته هي تصوير سيٽ تي ورتي وئي هئي. ارسلان بٽ ترڪ اداڪاره جي حوالي سان چيو ته ساڻس گڏ ڪم ڪندي تمام گهڻو مزو آيو، هي سٺي مزاج واري عورت آهي، جنهن جي ڪمپني ۾ سيٽ تي تمام گهڻو مزو آيو. هن اسرا کي مينشن ڪندي اهو به چيو ته اوهان جي پاڪستان اچڻ جو انتظار رهندو، پاڪستاني کاڌا اوهان جو انتظار ڪري رهيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button