پاڪستانسنڌ

ڪراچي ڌماڪي جي فوتين جو انگ 17 ٿي ويو،عمارت مالڪ خلاف ڪيس داخل

ڪراچي :)ڪراچي جي علائقي شير شاهه ۾ گذريل ڏينهن ڌماڪي ۾ فوت ٿي ويلن جو انگ 17 ٿي ويو آهي. جڏهن ته سائٽ پوليس عمارت تعمير ڪندڙن سان گڏ مالڪ خلاف به قتل ۽ ٻيا قلم شامل ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي. شير شاهه جي پراچا چوڪ تي نجي بئنڪ جي عمارت ۾ ٿيل ڌماڪي جي نتيجي ۾ تحريڪ انصاف جي ايم اين اي عالمگير خان جي پي سميت 15 ڄڻا فوت ۽ 16 ماڻهو زخمي ٿي پيا هئا. ڍير هيٺان وڌيڪ ٻن ڄڻن جا لاش پڻ ڪڍيا ويا آهن، جنهن کانپوءِ فوت ٿي ويلن جو انگ وڌي 17 ٿي ويو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته عمارت جي ڍير مان رات دير سان لاش مليا، جن مان هڪ جي بئنڪ جي ڪيشيئر سردار ۽ ٻئي جي محمد علي طور سڃاڻپ ٿي آهي. پوليس موجب ڌماڪي سبب ماڻهو نالي ۾ ڪري پيا هئا، جنهن بعد ريسڪيو آپريشن ڪري 15 لاش ۽ 12 کان وڌيڪ زخمين کي نالي مان ڪڍي اسپتال پهچايو ويو. ڊي آءِ جي سائوٿ شرجيل کرل به واقعي ۾ 17 ماڻهو فوت ۽ 11 ڄڻن جي زخمي هجڻ جي تصديق ڪئي. هن چيو ته بئنڪ ۾ 13 ملازمن کي مقرر ڪيو ويو هو پر ڇنڇر جو ڏينهن هجڻ ڪري اڌ عملو آفيس پهتو هو. بئنڪ جي 5 ملازمن سميت 7 ماڻهو بئنڪ اندر ئي فوت ٿي ويا هئا، بئنڪ کان ٻاهر 10 ماڻهو به حادثي ۾ فوت ٿي ويا. سندس چوڻ هو ته قومي اسيمبلي جي ميمبر عالمگير خان جي پي جو به بئنڪ جي ڀرسان شو روم هو، هو پنهنجي شو روم تي ئي موجود هو ۽ ڌماڪو ٿيڻ سبب فوت ٿي ويو. سائٽ پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڇنڇر واري ڏينهن اطلاع تي پوليس پهتي ته بئنڪ جي بلڊنگ ۽ ڀتيون تباهه ٿي چڪيون هيون ۽ گرائونڊ فلور کي تمام گهڻو نقصان رسيو. جڏهن ته ڌماڪي جي شدت جي ڪري ٻين عمارتن کي به نقصان پهتو. ايف آءِ آر موجب بم ڊسپوزل اسڪواڊ پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته جنهن بلڊنگ ۾ بئنڪ موجود هئي، ان کي سيوريج لائن تي ٺاهيو ويو هو. لائن ۾ گئس ڀرجي وڃڻ سبب ڌماڪو ٿيو. ان سلسلي ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته حادثي واري هنڌ جو معائنو ڪرڻ بعد پتو پيو ته بئنڪ ۽ ٻيون آفيسون غير قانوني طور سيوريج لائن تي ٺاهيون ويون هيون ۽ نالي مان نڪرندڙ گئس جي ڪري واقعو پيش آيو. ايف آءِ آر جي متن موجب زمين تي قبضو ڪري نالي تي عمارت جي اڏاوت ڪئي وئي. جڏهن ته بلڊنگ جي اڏاوت ۾ ملوث ماڻهن ۽ مالڪ خلاف 322، 337، 427 ۽ 34 قلم تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button