پاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

بجلي 4 رپيا 33 پئسا مهانگي ٿيڻ جو امڪان،40 ارب جو بار پوندو

اسلام آباد: بجلي جي قيمت ۾ 4 رپيا 33 پئسا في يونٽ اضافي جو امڪان آهي. ميڊيا رپورٽ موجب سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي (سي پي پي اي) بجلي قيمتن ۾ اضافي لاءِ نيپرا ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي، جنهن کان پوءِ بجلي جي قيمتن ۾ 4 رپيا 33 پئسا في يونٽ واڌ جو امڪان آهي ۽ نيپرا جي منظوري جي صورت ۾ صارفين تي 40 ارب رپين کان وڌيڪ بار پوندو. سي پي پي اي جي درخواست تي نيپرا 29 ڊسمبر تي شنوائي ڪندو. قيمتن ۾ واڌ جي درخواست ماهوار فيول ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته نومبر ۾ 8 ارب 24 ڪروڙ يونٽ بجلي پيدا ٿي. گذريل مهيني بجلي جي پيداواري لاڳت 66 ارب رهي، ڊيزل مان 27 رپيا 20 پئسا في يونٽ تائين مهانگي بجلي پيدا ٿي. فرنس آئل مان 20 ارب 27 پئسا في يونٽ بجلي پيدا ٿي. ايل اين جي مان بجلي جي پيداواري لاڳت 17 رپيا 26 پئسا رهي. ايران مان 13 رپيا 35 پئسا في يونٽ تي بجلي امپورٽ ڪئي وئي. جڏهن ته 20 پئسا في يونٽ بجلي لائن لاسز جي حوالي ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button