پاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

ڪراچي،لاهور،اسلام آباد،ڪوئيٽا،پشاور ۽ حيدرآباد ۾ گئس جو بحران

ڪراچي : ڪراچي، لاهور، اسلام آباد، راولپندي، ڪوئيٽا، پشاور، ملتان ۽ حيدرآباد سميت ملڪ ۾ گئس جو بحران وڌيڪ شديد ٿي ويو. جيڪا گئس 24 ڪلاڪن ۾ ڪلاڪن لاءِ ايندي هئي، هاڻي اها به اچڻ بند ٿي وئي جنهن سبب ماڻهو ڏکيائي کي منهن ڏئي رهيا آهن. گئس بند ٿيڻ سبب ڪاٺين ۽ گئس سلينڊر جون قيمتون آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيون آهن. قطارن ۾ بيهي ماڻهو سلينڊر ڀرائڻ تي مجبور ٿي پيا. تفصيل موجب ڪراچي جي اڪثر علائقن ۾ گئس جي سخت کوٽ ٿي وئي، لياري ۾ گذريل چئن مهينن کان گئس اڻلڀ آهي جنهن جي ڪري علائقي واسي ڪاٺيون ٻارڻ تي مجبور آهن. علائقي واسين ٻڌايو ته دونهين سان کنگهه ۽ اکين جون بيماريون وڌي ويون آهن. ٿڌ وڌڻ کان پوءِ لاهور جي ڳچ علائقن ۾ گئس پريشر بلڪل گهٽجي ويو، ڪجهه علائقن ۾ گئس بلڪل اڻلڀ ٿي وئي آهي. شهر ۾ گئس شاٽ فعال 1500 ملين ڪيوبڪ فوٽ کان ٽپي ويو آهي. آل پاڪستان ٽيڪسٽائيل ملز ايسوسيئيشن جي عهديدارن مطابق حڪومت گئس سپلاءِ برقرار رکڻ جو واعدو ڪيو هو جيڪو هن وقت تائين پورو ناهي ڪيو. هڪ ٻن ڏينهن ۾ جيڪڏهن گئس فراهم نه ڪئي وئي ته اهي پنهنجون ملز بند ڪري رستن تي نڪري ايندا. راولپندي ۽ اسلام آباد ۾ به گئس جو بحران وڌي ويو آهي. گهريلو صارف گئس جي قلت سبب سخت پريشان آهن، سلينڊر ۽ ڪاٺين جون قيمتون آسان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳيون. ڪوئيٽا ۾ گئس پريشر گهٽجڻ سبب شهري سخت پريشاني کي منهن ڏيندا رهيا. ملڪ ۾ گئس جي شديد بحران سبب پنجاب جي ٽيڪسٽائيل انڊسٽري بند ٿيڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي. اپٽما چيئرمين رحيم ناصر جو چوڻ هو ته حڪومت 6 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو گئس ٽيرف جي خاطري ڪرائي هئي پر بعد ۾ ٽيرف 9 ڊالر ڪرڻ جو چيو، جنهن تي به تعاون لاءِ تيار هئاسين. رحيم ناصر ٻڌايو ته توانائي واري وزير حماد اظهر سان ڪيپٽو پاور پلانٽ مان نڪري گرڊ سان ڳنڍجڻ جي ڪمٽمنٽ نه هئي. ان جون 92 درخواستون ورهائيندڙ ڪمپنين ۾ ڪنيڪشنز لاءِ موجود آهن جڏهن ته اڄ تائين عمل نه ٿي سگهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button