شوبز

شهباز تاثير ۽ ماڊل نيها جي شادي جون رسمون شروع

لاهور ( شوبز ڊيسڪ) پاڪستان جي صوبي پنجاب جي اڳوڻي گورنر سلمان تاثير جي پٽ شهباز تاثير ۽ ماڊل نيها راجپوت جي شادي جون رسمون شروع ٿي ويون آهن. ميڊيا مطابق شهباز تاثير ۽ ماڊل نيها راجپوت ان کان اڳ پنهنجي تعلقات ۽ شادي جي معاملي تي انڪار ڪندا رهيا آهن، پر هاڻ اهي شادي جي رشتي ۾ باظابطا طور ڳنڍجي رهيا آهن. شهباز تاثير ۽ نيها راجپوت جي شادي کان اڳ وارين رسمن مايون ۽ ميندي جي رسم ڪئي وئي آهي. جڏهن تھ نيها راجپوت شهباز تاثير سان شادي جي رسمن جون پڊيوز ۽ تصويرون بھ سوشل ميڊيا تي رکيون آهن. جڏهن تھ شوبز سان لاڳاپيل ماڻهن، اداڪارائن مايون ۽ ميندي جي رسم ۾ شرڪت ڪئي آهي. تقريبن دوران وڊيوز ۾ سلمان تاثير خوشگوار ۾ موڊ ۾ نظر آيو، خاندان سميت ڊانس بھ ڪئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button