پاڪستانسنڌ

سکر انتظاميا جي حال جي خبر آهي، سڄو شهر تباهه آهي: چيف جسٽس

ڪراچي: چيف جسٽس سپريم ڪورٽ چيو آھي تھ سکر انتظاميا جي حال جي خبر آهي، ڇا ڇڏيو اٿئو، سڄو شهر ته تباهه آهي.

چيف جسٽس طرفان لب مهراڻ پارڪ ڪيس ۾ سکر شهر جي حالت ۽ ڪڇن جي سار سنڀال نه ٿيڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو. چيف جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏنا ته ڪڇون سنڌو درياءَ مان نڪري گاڏين هيٺان اچي مري ويندا آهن، انڌي ٻلهڻ جو به نسل ختم ٿي رهيو آهي.

عدالت طرفان سنڌ سرڪار ۽ سکر انتظاميا کي ڪڇن لاءِ محفوظ لنگهه ٺاهڻ جو حڪم ڏنو ويو. وائيلڊ لائيف، آبپاشي کاتي جي سيڪريٽري ۽ ڪمشنر کي ايندڙ ٻڌڻي تي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو ويو، لبِ مهراڻ ٽوئرزم منصوبو قانون پٽاندڙ جاري رکڻ جي هدايت ڪئي وئي آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button