شوبز

شهباز تاثير ۽ ماڊل نيها راجپوت جي شادي ٿي وئي

لاهور (شوبز ڊيسڪ) پنجاب جي اڳوڻي گورنر سلمان تاثير جي پٽ شهباز تاثير ماڊل نيها راجپوت نڪاح ڪري شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويا آهن. ميڊيا مطابق شهباز تاثير ۽ نيها راجپوت جو نڪاح 24 سيپٽمبر تي رات جي وقت ڪيو ويو آهي، تقريب ۾ گهوٽ ڪنوار جا گهرڀاتي، ويجها دوست ۽ خاص مهمان گهرايا ويا هئا.

شهباز تاثير ۽ نيها راجپوت ۾ لاڳاپن ۽ شادي بابت پکڙيل افواهه سندن نڪاح ٿيڻ بعد حقيقت بڻجي ويا آهن. جڏهن تھ شهباز تاثير نيها سان ٻي شادي رچائي آهي ۽ فيشن ڊزائنر ماهين غني سندس پهرين زال هئي، جنهن مان ٻنهي کي پٽ جو اولاد آهي. ياد رهي تھ ماهين غني مڙس شهباز ۽ ماڊل نيها ۾ دوستي جو انڪشاف ڪرڻ بعد 2019ع ۾ طلاق ورتي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button