شوبز

ماهرا خان انٽرويوز ۾ ڪوڙ ڳالهائڻ جو اعتراف ڪري ڇڏيو

ڪراچي (شوبز ڊيسڪ) پاڪستان جي خوبصورت اداڪارا ماهرا خان اعتراف ڪيو آهي تھ هن پنهنجي ڪيترن ئي انٽرويوز ۾ ڪوڙ ڳالهايو آهي. ميڊيا مطابق آسڪ مي سيشن دوران مداحن جي سوالن جا جواب ڏيندي هڪ بنگلاديشي مداح کي ماهرا يقين ڏياري تھ مان هڪ ڏينهن بنگلاديش ضرور اينديس. هن جو چوڻ هو تھ مون کي ڪوڙ کان سخت نفرت آهي، پر مڃان ٿي تھ انٽرويوز ۾ ڪجهه ڳالهين تي ڪوڙ ڳالهايو آهي. هن چيو تھ شوبز ۾ 20 سال گذرڻ بعد ڪجهه سياڻي ٿي وئي آهيان. هڪ سوال جي جواب ۾ ماهرا خان جو چوڻ هو تھ مون کي پنهنجي مداحن سان تمام گهڻو پيار آهي، جڏهن تھ گهر جا بھ ڪجهه ڪم ڪندي آهيان.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button