
بالي ووڊ جي چاڪيليٽي هيرو رنبير ڪپور پنهنجي گرل فرينڊ عاليه ڀٽ جو محافظ بڻجي ويو. بالي ووڊ اداڪار رنڀير ڪپور ۽ عاليه ڀٽ جي شادي جي تاريخن بابت ڪجهه عرصي کان ميڊيا ۾ خبرون گردش ڪرڻ بعد ٻنهي اداڪارن اڃا تائين ان حوالي سان ڪو تبصرو ناهي ڪيو. ٻنهي اداڪارن کي جوڌپور ايئرپورٽ تي مداحن گهيري ورتو ۽ سيلفيز وٺڻ لا ايرپورٽ تي گڏ ٿي ويا. ٻنهي اداڪارائن کي ڏسڻ شرط مداحن عاليه ڀٽ سان گڏ تصويرون ٺاهڻ شروع ڪري ڇڏيون ۽ انهي وقت اداڪار رنڀير ڪپور ان جو محفوظ بڻجي ويو ۽ عاليه سان گڏوگڏ قدم ملائي هلڻ لڳو ته جيئن ڪير عاليه کي تنگ نه ڪري. سوشل ميڊيا تي مداحن رنڀير ڪپور جي اهڙي قدم جي واکاڻ پڻ ڪئي.