شوبز

ماسڪ نه پائڻ تي اداڪاره ڪنگنا رناوت مٿان مداحن جي ڇتي تنقيد

بالي ووڊ ۾ ڪوئين جي نالي سان مشهور اداڪاره ڪنگنا رناوت اهڙو ڪو به موقعو هٿان وڃائڻ نه ڏيندي آهي جتي مٿس تنقيد نه ٿيندي هجي. اداڪاره ڪڏهن پنهنجي بيانن، ڪڏهن فلمن ۾ ادا ڪيل ڪردار ته ڪڏهن وري ٻين تي تنقيد ڪرڻ بابت ڪيترائي ڀيرا تنقيد جو نشانو بڻجي چڪي آهي. جڏهن ته هاڻي اداڪاره کي ان وقت سوشل ميڊيا جي مداحن تنقيد جو نشانو بڻايو، جڏهن هو ممبئي ايئرپورٽ تي موجود هئي ته هن ماسڪ به لڳايو هو. صارفين سندس انهي اسٽائيل تي چيو ته ”واهه نو ماسڪ نو انٽري“ کي ڪيئن اگنور ڪيو ويو آهي، اها ته وڏي ناانصافي آهي، هڪ ٻئي مداح چيو ته مهاراڻي آهي جو ماسڪ نه لڳائي رهي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button