سنڌ

نوري آباد ۾ حادثو،5 ڄڻا فوت،20 زخمي

لوڻي ڪوٽ  ٿاڻي جي حد ۾ شهر بقا وٽ ڪراچي کان خيرپور ويندڙ مسافرڪوچ ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري اڳيان ويندڙ ٽرالر  سان پويان کان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻئي گاڏيون ڪلٽي ٿي پيون.

حادثي جي نتيجي ۾ پنج ڄڻا علي بلاول، حسن عباس، سھيل، شبيع  ۽ دلشاد  فوت ٿي ويا.

زخمين ۾ فراز  نقوي، سيد محمد حيدر، سيد علي باقر، ذيشان ڪاظمي،  احسن علي، بينش فاطمه،رفعت، فردوس ڪوثر، معصومه اڪبر ، علينه، جويريا عباس، علي حيدر، عرفان شاههعسڪري، توبا بتول، جرار علي ۽ ٻيا شامل آهن.

ڪوچ سوار مسافرن جو تعلق ڪراچي جي علائقي انچولي سان آهي جيڪي خيرپور زيارتن تي وڃي رهيا هئا.

ٻڌايو پيو وڃي ته رات دير سان ٿيل حادثي ۾ زخمي دير تائين  امداد لاءِ واجهائيندا ۽ تڙپندا رهيا، جنهن کانپو  لوڻي ڪوٽ پوليس حادثي واري جاءِ تي پهچي موٽروي پوليس سان گڏجي لاش ۽ زخمين کي لمس اسپتال منتقل ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button