پاڪستانسنڌ

دادو شهر کي هڪ ڪلاڪ جي برسات ٻوڙي ڇڏيو، روڊن تي پاڻي بيٺل

دادو شھر ۾ ھڪ ڪلاڪ جي برسات ضلعي انتظاميا، ميونسپل ۽ پبلڪ ھيلٿ کاتي جي پت وائکي ڪري ڇڏي، شھر جي مختلف علائقن جي پاڙن، محلن ۽ ڪالونين ۾ برسات جو پاڻي بيٺل آھي پر شھر جي مک ڪاروباري علائقن مين روڊن ۽ سرڪاري آفيسن ۾ بھ برساتي پاڻي بيھجي ويو، سرڪاري آفيسن ايس ايس پي آفيس، ڊي سي آفيس، ڊي سي ھائوس، ايريگيشن آفيس، پي ٽي سي آفيس، مختيارڪار آفيس، اينٽي ڪرپشن آفيس، ٽريزري آفيس آڏو مک گيٽن تي بھ برساتي پاڻي بيٺل نظر آيو، ميونسپل انتظاميا موجب پبلڪ ھيلٿ وٽ ڊرينيج اسڪيمون آھن جنھن ۾ ڊرينيج اسڪيمن تي بجلي نھ ھجڻ جو سبب ڄاڻائي اسڪيمن کي بند ڪيو ويو آھي، موٽر نھ ھلڻ سبب اسڪيمن مان پاڻي نيڪال نھ ٿيو، جنھن ڪري شھر جي روڊن تي برساتي پاڻي بيھجي ويو آھي

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button