پاڪستانسنڌ

دادو ۾ ريجنل ڊائريڪٽر محتسب جي خزاني آفيس ۾ کلي ڪچهري

دادو جي خزانا آفيس ۾ ريجنل ڊائريڪٽر محتسب طرفان کليل ڪچهري ڪوٺائي وئي، جتي پگهارون بند هجڻ ۽ رٽائرڊ ملازمن پاران شڪايتون ڪيون ويون، ملازم عبدالحق ميڻو شڪايت ڪندي چيو تھ 5 مهينن کان پگهار بند ڪئي وئي آهي، خاندان بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهي، جنھن تي ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيسر الطاف منگي چيو تھ نوجوان جو مسئلو هفتي ۾ حل ڪيو ويندو، هن جو پروموشن ٿيو هو، لسٽ نه هئي جنهن ڪري مسئلو هو، پ ٽ الف اڳواڻ عنايت جمالي شڪايت ڪندي چيو تھ ٽريزري آفيس ۾ جيڪي بيواهه عورتون اچن ٿيون انهن کي رولايو وڃي ٿو، انهن سان وڏو ظلم آھي، سنڌ سرڪار اڳ چئي چڪي آھي تھ رٽائر ٿيندڙ ملازم کي بروقت رٽائرمينٽ جاري ڪئي وڃي پر ھتي سال لڳي ٿا وڃن، جنھن تي ريجنل ڊائريڪٽر محتسب چيو تھ پينشن هولڊرن جون گهڻيون شڪايتون آھن، بيواهه عورتون خزانا آفيس جا چڪر ڪاٽين ٿيون پر ڪامورن کي رحم نھ ٿو اچي

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button