شوبز

عتيقھ اوڍو جي ٽئين نڪاح وقت ڏوهٽو ڪڇ ۾ هو..!!

ڪراچي (شوبز ڊيسڪ) پاڪستان جي سينيئر اداڪارا عتيقھ اوڍو پنهنجي ٽين شادي جي حوالي سان انتهائي دلچسپ انڪشاف ڪيا آهن، هن ٻڌايو تھ سندس ٽئين نڪاح دوران ڏوهٽو حسين سندس ڪڇ ۾ هو. خانگي ٽي وي کي ڏنل انٽرويو ۾ عتيقھ اوڍو زندگي ۾ ٽي ڀيرا محبت ملڻ کي پنهنجي خوشنصيبي قرار ڏئي ڇڏيو آهي. هن جو چوڻ هو تھ ثمر علي کي شادي جي آڇ ڪئي تھ حيران ٿي ويو، جنهن کانپو هن ها ڪري ڇڏي. هن چيو تھ اسان خاموشي سان شادي جو رٿيو هو، ٻارن چيو تھ ڪاڄ ۾ اهي بھ شريڪ ٿيندا. عتيقھ اوڍو جو چوڻ هو تھ نڪاح ۾ اسان ٻنهي جا ٻار، ڏوهٽا پوٽا ۽ سمورا گهرڀاتي بھ شريڪ ٿيا هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button