شوبز

عمر شريف کي نمونيا ٿيڻ سبب ٻھ ڏينهن جرمني ۾ رهندو

نيورمبرگ (شوبز ڊيسڪ) پاڪستاني ڪاميڊين عمر شريف کي نمونيا ٿي وئي آهي، جنهن جو علاج جرمني جي اسپتال نيورمبرگ ۾ شروع ڪيو ويو آهي. جڏهن تھ ڊاڪٽرن اشارو ڏنو آهي تھ علاج ٻن ڏينهن تائين جاري رهي سگهي ٿو.

ميڊيا مطابق عمر شريف کي نمونيا ٿيڻ بعد امڪان آهي تھ سندس آمريڪا روانگي واري شيڊول ۾ دير ٿئي، پر اڃا تائين سندس علاج ڪندڙ ڊاڪٽرن پنهنجي حتمي را جو اظهار نھ ڪيو آهي. عمر شريف کي علاج دوران اينٽي بائيٽڪ دوا ڏني پئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button